ملير ۾ سماجي اڳواڻ غلام مصطفيٰ بلوچ کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ملير ۾ سماجي اڳواڻ غلام مصطفيٰ بلوچ کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير طرفان پاڪستان جي ناليواري سماجي اڳواڻ غلام مصطفيٰ بلوچ جي مان ۾ ملير جي سرسبز منير بلوچ باغ ۾ پروقار آجياڻي ۽ مڃتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ، سنڌ ۽ ملير جي سوين سياسي، سماجي، ادبي، قانوني، صحافتي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب دوران عوامي پريس ڪلب ملير طرفان غلام مصطفيٰ بلوچ کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، اجرڪون ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پڻ کيس ايوارڊ ۽ اجرڪون پيش ڪري سندن خدمتن کي ڀيٽا ڏني تقريب کي ملير جي سينيئر سياستدان ۽ ايم اين اي حڪيم بلوچ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته غلام مصطفيٰ بلوچ ٽن ڏهاڪن کان سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سماجي شعبي جي خدمت ڪئي هن 800 کان وڌيڪ ڪميونٽي بيسڊ آرگنائيزيشنز کي تربيت ڏئي مقامي قيادت، عورتن جي شموليت ۽ عوامي شرڪت کي هٿي ڏني آهي. اهڙيون شخصيتون قومن جو سرمايو هونديون آهن، جن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون خاص مهمان غلام مصطفيٰ بلوچ چيو ته هو ملير جي در محمد ڳوٺ مان نڪتو ۽ 1993ع ۾ سماجي شعبي سان پنهنجو سفر شروع ڪيو. هن چيو ته کيس مختلف صوبن ۾ هزارين ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ، مقامي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ نوجوان قيادت تيار ڪرڻ جو موقعو مليو. هن عوامي پريس ڪلب ملير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي اعزاز اصل ۾ انهن سڀني ماڻهن جي محنت جو اعتراف آهي، جن سان گڏجي سماج جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪئي سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته غلام مصطفيٰ بلوچ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي قيادت پيدا ڪرڻ آهي. هن پنهنجي عملي زندگي دوران سماجي تنظيم سازي، شفافيت ۽ عوامي شرڪت کي فروغ ڏئي نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال قائم ڪيو آهي پيپلزپارٽي ملير جي صدر ۽ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ چيو ته غلام مصطفيٰ بلوچ بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت ڪئي آهي هن سماجي شعبي ۾ ادارا مضبوط ڪيا، نوجوانن کي تربيت ڏني ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ڪاميابي سان اڳتي وڌايو، جيڪي سندس مستقل سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن هينڊس جي اڳواڻ ڊاڪٽر تنوير شيخ چيو ته غلام مصطفيٰ بلوچ جي قيادت جو بنيادي فلسفو هميشه اهو رهيو آهي ته ترقي ان وقت پائيدار ٿيندي، جڏهن مقامي ماڻهو پاڻ منصوبابندي، فيصلي سازي ۽ عملدرآمد جو حصو بڻجن. سندس تجربو سماجي شعبي لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي ايم پي اي سليم ڪلمتي، يوسف بلوچ ۽ امداد جوکيو چيو ته غلام مصطفيٰ بلوچ پنهنجي علم، تجربي ۽ اخلاص سان بي شمار نوجوانن کي سماجي خدمت جي ميدان ۾ آندو. سندس شخصيت ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو سرچشمو آهي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سجاد علي شاهه چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو ملير جي تاريخي ماڳن، زندهه ۽ وڇڙي ويل مهان شخصيتن کي ياد ڪري حقيقي عوامي پريس ڪلب هجڻ جو ثبوت ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته غلام مصطفيٰ بلوچ جهڙين شخصيتن جي مڃتا ڏيڻ سان نوجوان نسل کي پنهنجي هيروز بابت ڄاڻ ملي ٿي. هن اعلان ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ملير جي جاکوڙي ڪردار جيئند خاصخيلي جي ياد ۾ پڻ هڪ يادگار تقريب منعقد ڪئي ويندي تقريب کي ڊاڪٽر ڪليم دراني، رخمان گل پالاري، نور محمد بجير، آزاد سميجو، سليم جي ميمڻ، علي مستوئي، شعيب بڪڪ، اشفاق چنڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته قومي شاعر ۽ فنڪار زاهد شيخ، ايوب سهتو قومي ۽ ثقافتي گيت پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.