ھڱورجا ڀرسان نافرمان پٽن ملڪيت جي معاملي تي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ھڱورجا ڀرسان نافرمان پٽن ملڪيت جي معاملي تي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ھنڱورجا(رپورٽر) ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ سائينداد سولنگي ۾ نافرمان پٽن ملڪيت ن لکي ڏيڻ تان پنھنجي پيرسن والد کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس پھچي لاش ھنڱورجا اسپتال مان پوسٽ مارٽم لاء آندو ويو.پيرسن جو قتل ڪيس ٽن پٽن سميت چار جوابدارن مٿان داخل. جوابدار فرار ٿي ويا. تفصيل موجب ھنڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سائينداد سولنگي ۾ نافرمان پٽن ملڪيت جين لکي ڏيڻ تي پنھنجي پيء رٽائرڊ فوجي 55 واحد بخش سولنگي کي گھر اندر تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري لاش گھر ٻاھران ٻڪرين جي واڙ ۾ اڇلائي ڇڏيو. اطلاع تي ھنڱورجا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ھنڱورجا اسپتال پوسٽ مارٽم لاء آندو ويو جڏنھن تہ جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي ويا.فوتي پيرسن فوجي واحد بخش جي ڀاءُ عثمان سولنگي ٻڌايو تہ منھنجي ڀاءُ کي پنھنجي پٽن ملڪيت نہ لکي ڏيڻ تي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ايس ايڇ او ھنڱورجا اقبال نون رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا آھن انھن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھنيا پيا وڃن جلد جوابدار قانون جي گرفتار ۾ آندا ويندا.ٻي پاسي پيرسن واحد بخش سولنگي جو قتل ڪيس ھنڱورجا ٿاڻي تي ڀاءُ عثمان سولنگي جي فرياد تي مقتول جي پٽن نثار احمد اياز احمد.سعيد احمد ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار جي خلاف داخل ڪيو ويو آھي.