پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني سنڌ کي تباهي، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ بدانتظامي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي: سيد زين شاهه

سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌو درياهه تي ڌاڙي، عوام دشمن بجيٽ 2026-27 ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف قومي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪئي ويندي

پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني سنڌ کي تباهي، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ بدانتظامي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي: سيد زين شاهه

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع ملير ڪراچي پاران گلشن حديد ۾ هڪ وڏي قومي ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڪئي قومي ڪچهري ۾ ڪارڪنن، سياسي، سماجي، ادبي، واپاري ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران ڪيترن ئي نوجوانن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو قومي ڪچهري کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته "پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان مايوس ڪندڙ دور ثابت ٿي آهي. حڪمرانن سنڌ کي ترقي يافته صوبي بڻائڻ بدران ڪرپشن، اقرباپروري، نااهلي ۽ بدانتظامي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته اڄ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو عوام بنيادي حقن کان محروم آهي. سرڪاري اسڪول تباهه ٿي رهيا آهن، اسپتالن ۾ دوائون موجود ناهن، لکين نوجوان بيروزگار آهن، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، آبادگار پاڻي جي کوٽ سبب سخت پريشان آهن ۽ عام ماڻهو مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيو آهي، پر حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن بدران پنهنجي اقتدار ۽ مفادن جي وڌيڪ ڳڻتي آهي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي زمينن، ٻيٽن، سامونڊي وسيلن، ڪوئلي، گئس ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي مسلسل ڌاڙا هنيا پيا وڃن، پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. جيڪڏهن سنڌ جي حڪمرانن ۾ عوام جي نمائندگي جو احساس هجي ها ته هو سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ هر فورم تي آواز بلند ڪن ها.هن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي وجود، تهذيب ۽ معيشت جي علامت آهي، پر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي واضح ڪري ٿي ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به اهڙي منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو، جيڪو سنڌ جي پاڻي جي حصي، زراعت يا ماحوليات کي نقصان پهچائي.سيد زين شاهه وفاقي بجيٽ 2026-27 تي تنقيد ڪندي چيو ته هي بجيٽ عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن الزام لڳايو ته بجيٽ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران گهٽائڻ بدران عوام تي وڌيڪ معاشي بار وڌو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن، زراعت، تعليم، صحت ۽ انفراسٽرڪچر کي نظرانداز ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هر سال هزارين ارب رپين جون بجيٽون پيش ڪري ٿي، پر عوام اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي، معياري تعليم، جديد اسپتالن، روزگار، ٽٽل روڊن، نيڪال جي نظام ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. جيڪڏهن اربين رپيا واقعي عوام تي خرچ ڪيا وڃن ها ته اڄ سنڌ جي حالت مختلف هجي ها.قومي ڪچهري کي جگديش آهوجا، رمضان ٻرڙو، خادم ٻرڙو، شبير ڏيرو، رضا سنديلو، مصطفيٰ چانڊيو، مخدوم شمس ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.