عمرڪوٽ ۾ ميگهواڙ پنچائت پاران پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي

ٿربازار کان پريس ڪلب تائين ريلي، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا

عمرڪوٽ ۾ ميگهواڙ پنچائت پاران پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميگهواڙ پنچائت عمرڪوٽ جي سڏ تي پاڪ فوج سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ ٿربازار کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج ۽ پاڪستان سان پنهنجي محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو، ريلي جي اڳواڻي پهلاج ميگهواڙ، قيمت سنڌي، نندلال کجورو، انيل وائوري، اشوڪ ڪمار خيمساڻي، مولچند پرمار ۽ جيرام ميگهواڙ ڪئي، ريلي دوران شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا ۽ بينر کڻي "پاڪ فوج زندہ باد"، "پاڪستان زندہ باد" جا زوردار نعرا هنيا، جنهن سان سڄو شهر حب الوطني جي جذبن سان گونجي اٿيو، ريلي ٿربازار کان شروع ٿي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب عمرڪوٽ پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج هڪ سال اڳ دشمن ملڪ جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏئي پنهنجي بهادري، جرئت ۽ پيشوراڻي صلاحيتن سان نه صرف ملڪ جو دفاع ڪيو، پر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، مقررین چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ دفاع لاءِ هر محاذ تي پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، جنهن تي پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، هنن چيو ته دشمن ملڪ جا جهاز ڪيرائي پاڪ فوج ثابت ڪيو ته پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ فوج هر وقت مڪمل طور تي تيار آهي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري هر ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ خودمختياري لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابين لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون.