حڪومت سنڌ هر ٻار تائين معياري تعليم پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي: سردار شاهه

ابراهيم حيدري ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ رانا لياقت اسڪول جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي

حڪومت سنڌ هر ٻار تائين معياري تعليم پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي: سردار شاهه

ملير(عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري ۾ معياري ۽ محفوظ تعليم جي واڌاري لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل ان وقت عبور ڪيو ويو، جڏهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پي ايس-87 محمود عالم ڄاموٽ ۽ ڪرن فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان رانا لياقت اسڪول جي چاٻي حوالي ڪرڻ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن، سماجي شخصيتن ۽ تعليم دوست ماڻهن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاهه، سيڪريٽري تعليم زاهد علي عباسي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر گھنور علي لغاري، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ ڪرن فائونڊيشن جي باني صبينه کتري سميت ٻيون معزز شخصيتون پڻ شريڪ ٿيون، اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رانا لياقت اسڪول صرف هڪ تعليمي عمارت نه، پر علائقي جي ٻارن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، هنن چيو ته حڪومت، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ سماجي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاهه ان موقعي تي چيو ته حڪومت سنڌ هر ٻار تائين معياري تعليم پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته اهڙيون ڀائيواريون تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ چيو ته ابراهيم حيدري جي ٻارن کي بهتر تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي ۽ رانا لياقت اسڪول علائقي ۾ مثبت تبديلي جو بنياد ثابت ٿيندو۔ ڪرن فائونڊيشن جي باني صبينه کتري چيو ته ٻارن کي محفوظ ۽ معياري تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ سندن تنظيم مستقبل ۾ به اهڙن منصوبن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن هن قدم کي حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي ڪامياب سهڪار جو بهترين مثال قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته رانا لياقت اسڪول علائقي جي ٻارن لاءِ علم، اعتماد ۽ بهتر مستقبل جو مرڪز بڻجندو