پروگرام جي صدرات ناليواري تعليمي ماهر نواب دين رتڙ، سماجي اڳواڻ ظفر علي رتڙ ۽ استاد اظھر سليم کوکر ڪئي
ھڱورجا(رپورٽر)پھل پاڪستان تنظيم طرفان بنيادي حقن ۽ آئيني شعور کي فروغ ڏيڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار جي عنوان سان هڪ ليڪچر پروگرام آء بي اي ڪرونڊي ۾ ٿي گذريو. پروڳرام جي صدرات ناليواري تعليمي ماهر نواب دين رتڙ سماج سڌارڪ ظفر علي رتڙ ۽ استاد اظھر سليم کوکر جن ڪئي۔جڏهن ته ليڪچر پروفيسر ذيشان علي ملاح ۽ پھل پاڪستان تنظيم جي ضلع خيرپور جي ڪوآڊينيٽر غضنفر علي سولنگي جن ڏنو.هڪ ڏينهن جي ليڪچر ۽ معلوماتي پروگرام ۾ ضلع خيرپور جي تعلقه فيضگنج سان تعلق رکندڙ نوجوانن شاگرن توڙي شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔پھل پاڪستان تنظيم جيڪا مختلف پروگرامن تي ڪم ڪندي رهي ٿي هن تنظيم جو بنيادي حقن ۽ آئيني شعور کي فروغ ڏيڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار تي ضلع خيرپور ۾ نوجوانن کي انساني حقن ۽ هنن جي آڳاهي ڏئيڻ لاء فيضگنج ۾ هي پهرئين تربيتي ليڪچر هيو جنهن ۾ 1973ع جي آئين ۾ شامل انساني حق ۽ بين الاقوامي انساني حقن جو تقابلي جائزو به پيش ڪيو ويو۔ليڪچر دوران مقررين انساني حقن سان گڏ آئيني سجاڳي اخلاقي قدرن ۽ خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن کي مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏئين لاء تيار رهڻ تي زور ڏنو ويو
0 تبصرے