سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

ملير، ٺٽو، خيرپور، بدين، ڪوٽڙي، ٽنڊو باگو، پنگريو، بلڙي شاهه ڪريم، عادلپور ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، ملير ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير، سميع الله شيخ جي اڳواڻي ۾ اڄ "مارڪاِ حق واڪ" ڪئي ويئي جيڪا ڊي سي آفيس ملير کان جناح ايونيو روڊ تائين ڪڍي وئي۔ واڪ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، ضلعي عملدارن، سرڪاري عملي ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔شرڪت ڪندڙن بينر کڻ حق، انصاف ۽ قومي يڪجهتي جي حق ۾ نعرا هنيا۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ملير چيو ته سچ تي قائم رهڻ ۽ ناانصافي خلاف گڏ ٿي بيهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ هن ضلعي انتظاميه ۽ شهرين جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيندي واڪ کي ڪامياب قرار ڏنو۔واڪ جو آغاز مين ڊي سي آفيس کان ٿيو ۽ جناح ايونيو روڊ تي مقرر جاءِ تي پرامن نموني سان پڄاڻي تي پهتي۔ هوڏانهن ٺٽي ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٺٽو پاران پاڪستان جي بهادر فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ يومِ تشڪر جي موقعي تي هڪ ريلي سينيئر هيڊ ماسٽر نظام الدين کڏائي، استادن عزيز احمد خاصخيلي، عاطف علي ميمڻ، شمس الدين ملاح، محمد خاصخيلي، غلام مصطفيٰ درس، عبدالجبار سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن وطن سان محبت جو عملي مظاهرو ڪندي پاڪستان زنده باد! پاڪ فوج زنده باد! پاڪستان جو مطلب ڇا؟ لا اله الا الله! جا نعرا ھڻندي حب الوطني جو جذبو ۽ وطن لاءِ قرباني ڏيڻ جو عزم ڪندي چيو تہ انشاءَالله اسان هميشه پنهنجي پياري وطن جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ تيار ڪوشان آھيون ۽ پاڪ فوج سان گڏ آھيون، اسانجي ملڪ ڏانھن جنھن بہ ميري اک سان ڏٺو، ان جون اکيون ئي ڪڍي ڇڏينداسين. خيرپور ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن پاران فئڪلٽي جي ملٽي پرپز هال ۾ “مرڪه حق بنيان المرصوص” جي عنوان سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ ڪئي، جڏهن ته استادن، شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر يوسف خشڪ سينيئر استادن سان گڏ ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم ادا ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو چيو ته اهڙيون سرگرميون نئين نسل ۾ اخلاقي قدرن، حب الوطني ۽ ذميواري جو شعور پيدا ڪن ٿيون۔ ڊاڪٽر فردوس بگٽي ۽ ڊاڪٽر زاهد حسين سهتو پڻ خطاب ڪندي تعليمي ادارن جي قومي ۽ نظرياتي تربيت ۾ اهم ڪردار تي زور ڏنو. پروگرام دوران تقريرون، قومي گيت ۽ “مرڪه حق” جي موضوع تي خاص ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته شاگردن طرفان ثقافتي حوالي سان ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ڪوٽڙيءَ ۾ ضلعي انتظاميا پاران معرڪہ حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي فوج سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي ضلعي انتظاميا ڊي سي آفيس کان اوور هيڊ برج تائين ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي مارچ ڪيو ويو ريلي ۾ مختلف کاتن جي عملدارن توڙي سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڊي سي ڄامشورو جو چوڻ هو ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهو فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪندا رهيا معرڪہ حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص فوج جي تاريخي ڪاميابي آهي فوج ملڪ ۽ قوم جي تحفظ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان هر قدم تي پنهنجي فوج سان گڏ آهيون. بدين۾ معرڪه حق، آپريشن "بنيان مرصوص" کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ضلعي انتظاميه بدين طرفان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ڪئي، ريلي ڊي سي آفيس کان شروع ٿي شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوڪ تائين پهتي،ريلي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ قومي اتحاد جا نعرا لکيل هئا، انھي موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته آپريشن "بنيان مرصوص" دوران پاڪ فوج بهادري سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻايو۔ هن چيو ته هي ڏينهن قومي همٿ، اتحاد ۽ حب الوطني جي علامت طور ملهايو پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم هر وقت پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي ۽ مستقبل ۾ به گڏجي ملڪ دشمن قوتن کي هر محاذ تي ناڪام بڻائيندي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي پڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ سيڪيورٽي ادارن ۽ عوام جي گڏيل ڪوششون انتهائي اهم آهن، ۽ اهڙيون تقريبون قومي يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون ريلي ۾ آپريشن "بنيان مرصوص" جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي،شرڪت ڪندڙن پاڪستان زندہ باد ۽ پاڪ فوج پائنده باد جا نعرا هڻي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ٽنڊوباگو ۾ 5 مئي جي حوالي سان ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو کان سول سوسائٽي ۽ شھرين جي وڏي تعداد پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ريلي مختيارڪار لال محمد بجير، انيل ڪمار لوهاڻو، جيوت رام لوهاڻو علي احمد بليدي ۽ ڪائونسلر زرينا بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي باگو واه پل واري چوڪ تي پهتا جتي لال محمد بجير، علي احمد بليدي، سخاوت بلوچ، رٽائرڊ حوالدار محمد شريف ميمڻ ۽ ٻين پاڪ فوج جي جوانن جي بهادري تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي. جڏهن ته آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون. پنگريو ۾ ٽائون ڪميٽي پنگريو پاران معرڪه حق ۽ آپريشن بنيانن مرصوص کي ھڪ سال مڪمل ٿيئڻ تي شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ٽائون چيئرمين مير محمد بخش ۽ ٽائون عملي کان سواء ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن سياسي سماجي شاگرد صحافين سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پنگريو ۾ معرڪه حق بنيان مرسوس ريلي ٽائون ڪميٽي پنگريو مان نڪري پريس ڪلب پنگريو کان ٿيندي شادي سمال واه جي موري تي پھتي جتي ريلي ۾ موجود ماڻھن پاران پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده جا نعره ھڻندي پاڪ وطن ۽ افواج اي پاڪستان سان محبت جو اظھار ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڀارت جي ھر قسم جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ملائي ڇڏينداسين. بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٽائون ڪميٽي يونين جي ملازمن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ملازمن ۽ آفيسرن جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر کڻي پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ريلي جي اڳواڻي علي محمد ميمن، مقصود ميمن، سليمان پليجو ۽ ٻين ڪئي اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون قابل فخر آهن بلڙي شاه ڪريم : اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ وطن لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون بلڙي شاه ڪريم : ملڪ ۽ فوج جي سلامتي لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي،