ڪراچي(رپورٽرز وٽان) معرڪه حق کي سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ مارڪاءِ حق کي سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي طور شھيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن طرفان پرنسپال پروفيسر اعجاز علي جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ڪاليج جي پروفيسرن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ غيرتدريسي عملي شرڪت ڪري هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بئنر کڻي پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ آرمي زنده آباد جا نعرا هنيا ريلي کي خطاب ڪندي پرنسپال ۽ پروفيسرن چيو ته پاڪ فوج ملڪ جو ملڪي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا آهي، پاڪ فوج گذريل سال دشمن ملڪ ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڀارتي اڳرائي جو زبردست جواب ڏئي پوري پاڪستاني قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو جو اڄ آمريڪا سميت ٻيون عالمي طاقتون پاڪستان ڏانهن هٿ وڌائي امن جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪ فوج جي ڪري آمريڪا ايران جنگبندي ممڪن ٿي سگهيو جنهن ڪري اڄ پوري دنيا پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج جي تعريف ڪري رهي آهي. مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس ۾ “آپريشن بنيان المرصوص (معرڪه حق)” جي ڪاميابي جي خوشي ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جو آغاز ڪيمپس جي سينٽرل لائبريري کان ڪيو ويو، جيڪا مختلف شعبي مان گذرندي زيرو پوائنٽ گيٽ تائين پهتي. ريلي جي اڳواڻي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي، جڏهن ته استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چيو ته آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي پاڪستان جي بهادر فوج جي پيشه ورانه مهارت، قربانين ۽ وطن سان بي لوث محبت جو نتيجو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج هر ڏکئي گهڙي ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاگرد ملڪ جو مستقبل آهن، ۽ انهن ۾ حب الوطني، ذميواري ۽ اتحاد جو جذبو پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اهڙيون سرگرميون نوجوانن کي ملڪ سان وڌيڪ وابسته ڪن ٿيون ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏين ٿيون. هن پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو ته پاڪستان جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ هر شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ۽ قومي ادارن سان گڏ بيهڻ ئي مضبوط مستقبل جي ضمانت آهي. ٻي طرف شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه جي هدايت تي استادن، شاگردن ۽ انتظاميه پاران “معرڪئہ حق” جي پهرين سالگرھ ۽ “آپريشن بنيان مرصوص” جي سلسلي ۾ يونيورسٽي ڪيمپس ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي، جن پاڪستان جي حق ۾ جوشيلا نعرا هنيا۔ شرڪت ڪندڙن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪ فوجن ڀارت جي جارحيت ۽ هائبرڊ جنگ جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏئي دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا۔ ھنن وڌيڪ چيو ته هن آپريشن دوران پاڪ فضائيه بري ۽ بحري فوج سان گڏجي گڏيل ڪارروائي ڪندي دشمن جي اهم فوجي تنصيبات، براهموس ميزائل سائيٽن ۽ دفاعي نظام کي نشانو بڻايو، جنهن سان دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملي ويو۔ ريلي جي آخر ۾ ملڪ لاءِ جان قربان ڪندڙ شهيدن جي قربانين کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ سندن بلند درجن لاءِ دعا گهري وئي۔ ميرپورخاص معرڪا حق کي ھڪ سال پورو ٿيڻ تي ميرپورخاص ضلعي انتظاميه پاران ڪمشنر ڪمپليڪس کان پريس ڪلب تائين پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي ميرپورخاص ريلي ۾ ڊي سي نواب ثمير لغاري ، ايس ايس پي فدا حسين شاه ، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن عبدالروف غوري سميت روينيو کاتي جي عملدارن ، استادن ، شاگردن ، شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته معرڪا حق ۾ پاڪ فوج دشمن کي اھڙو سبق سيکاريو جنھن کي سڄي دنيا ڏٺو دشمن جا ڪيترائي جهاز ڪرائي پاڪ فوج ثابت ڪيو ملڪ جي سلامتي اولين ذميواري آھي جنھن تي پاڪ فوج جس لھڻي اسان کي پنھجي فوج تي فخر آھي ھن وقت ب سفارتي سطح تي پاڪستان سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو پاڪ فوج سان عوام گڏ آھي اسان کي يقين آھي ڪو ب ملڪ پاڪستان خلاف ڪا جارحيت ڪندو ت آن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو،
0 تبصرے