يومِ مئي: سنڌ جو مزدور جديد دور ۾ به حقن کان محروم

مهانگائي، گهٽ اجرت ۽ بيروزگاري زندگي ڏکيو بڻائي ڇڏيو

يومِ مئي: سنڌ جو مزدور جديد دور ۾ به حقن کان محروم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اڄ سڄي دنيا سميت سنڌ ۾ يومِ مئي ملهايو پيو وڃي، جيڪو مزدورن جي جدوجهد، حقن ۽ قربانين جي ياد ڏياريندڙ ڏينهن طور سڃاتو وڃي ٿو، پر سنڌ جو مزدور اڃا تائين بنيادي حقن کان محروم نظر اچي ٿو۔ مهانگائي، بيروزگاري ۽ گهٽ اجرت مزدورن جي زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي، جتي روزانه مزدوري ڪندڙ ماڻهن لاءِ ٻه وقت جي ماني حاصل ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي۔هڪ سروي موجب مزدورن جو چوڻ آهي ته هو سڄو ڏينهن سخت محنت ڪن ٿا، پر اجرت ايتري گهٽ آهي جو گهر جو خرچ به پورو نٿو ٿئي، جڏهن ته اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٻارن جي تعليم جا خرچ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن۔ ٻئي طرف مزدورن لاءِ قانون موجود هجڻ باوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب مزدور استحصال جو شڪار آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي يونين ٺاهڻ تي به اڻسڌيون پابنديون آهن۔ يومِ مئي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ جلسا منعقد ڪيا پيا وڃن، جتي مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت مزدورن جي فلاح لاءِ قدمن جو دعويٰ ڪري رهي آهي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آهن۔ ماهرن موجب جيستائين قانونن تي صحيح نموني عملدرآمد نه ٿيندو، تيستائين مزدورن جي حالت ۾ بهتري ممڪن ناهي، ۽ اهو سوال اڃا به برقرار آهي ته مزدور ڪڏهن عزت ۽ تحفظ سان زندگي گذاري سگهندا۔