نوابشاهه پوليس جي حراست ۾ مبينا تشدد سبب مارجي ويل شهدادپور واسي دڪاندار جو ڪيس داخل

ارشد ڀٽي جو ايف آءِ اي شهيد بينظيرآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل، ٻن ايس ايڇ اوز سميت 8 ڄڻا نامزد

نوابشاهه پوليس جي حراست ۾ مبينا تشدد سبب مارجي ويل شهدادپور واسي دڪاندار جو ڪيس داخل

شھدادپور(رپورٽر) نوابشاهه بي سيڪشن پوليس حراست دوران تشدد ۾ مارجي ويل شهدادپور واسي دڪاندار ارشد ڀٽي وارو.مامرو، ايف آءِ اي شهيد بينظيرآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيس ۾ 2 ايس ايچ اوز سميت 8 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو ايف آءِ اي پوليس فوتي جي والد حاڪم علي ڀٽي جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي. ڪيس ۾ قتل، تشدد ڪرڻ، بيجا حراست ۾ رکڻ ۽ ٽارچر اينڊ ڪسٽوڊيل ڊيٿ جا قلم شامل ڪيا ويا، فريادي جو چوڻ هو ته موبائل چوري جي ڪوڙي الزام هيٺ 17 اپريل تي ايس ايچ او شهدادپور عمران چانڊيو، ننڍي مُنشي رمضان ڀٽي، ايس ايچ او بي سيڪشن نوابشاهه علي اصغر شاهه ۽ اي ايس آءِ ستار ڪمبوهه، موبائل فون مالڪ ۽ 3 اڻڄاتل پوليس اهلڪارن پُٽ ارشد ڀٽي کي بنا وارنٽ گرفتار ڪري غيرقانوني طور ٽن ڏينهن تائين شهدادپور ٿاڻي تي حراست ۾ رکيو ٽن ڏينهن تائين حبس بيجا ۾ رکڻ بعد شهدادپور پوليس روزنامچي ۾ انٽري رکڻ بغير 19 اپريل تي ارشد کي نوابشاهه بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو 20 اپريل تي نوابشاهه ٿاڻي تي ملاقات دوران پٽ جي جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا، پُٽ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب سيشن جج کي درخواست ڏيڻ بعد مئجسٽريٽ ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر پُٽ کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو 21 اپريل تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس سندس پٽ کي ماري ڇڏيو ۽ صبح جو 4 بجي لاش اسپتال منتقل ڪيو پُٽ جي موت بعد بي سيڪشن پوليس هٿ ٺوڪي ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر ۾ فوتي پُٽ کي نامزد ڪيو جڏهن ته سندس قبضي مان ڪابه چوري جي موبائل برآمد نه ٿي هئي شھدادپور پوليس 3 ڏينهن ۽ نوابشاهه پوليس 2 ڏينهن تائين تشدد ڪندي رهي جنهن سبب پُٽ جو موٽ واقع ٿيو جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پُٽ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.