English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: واڻ ڪنڊ جا ڪيترائي قديم ڳوٺ سهولتن کان محروم
14 views
|
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شاھ لاھوت ڊيم ناڪارا بڻجڻ سبب علائقي ۾ پاڻي جو بحران
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي ڏورانهين علائقي واڻ ڪنڊ ۾ واقع هاشم برفت ڳوٺ سميت ڪيترائي قديم ڳوٺ اڄ به صاف پيئڻ جي پاڻي، تعليم، صحت، روڊن ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن پاڻي جي کوٽ سبب عورتون ۽ ننڍڙا ٻار روزانو ڏورانهن هنڌن تان پاڻي آڻڻ لاءِ ڊگها پنڌ ڪن ٿا جڏهن ته سڄي علائقي ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون سري کان ئي موجود ناھن ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل شاھ لاھوت ڊيم، جيڪو رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو رهواسين موجب ناقص مٽيريل ۽ غير معياري تعمير ڪرپشن سبب ناڪاره بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري عوام جون اميدون مايوسي ۾ تبديل ٿي ويون آهن علائقي جي سماجي اڳواڻن ۽ اڳوڻي ڪائونسلر ولي محمد برفت، يامين برفت ۽ علي اصغر برفت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واڻ ڪنڊ ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺ سالن کان سرڪاري بي ڌياني جو شڪار آهن هنن چيو ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نه پيئڻ جي صاف پاڻي جو انتظام آهي نه صحت جون بنيادي سهولتون، نه ئي تعليمي ادارا موجود آهن جنهن سبب رهواسين، خاص طور عورتن ۽ ٻارن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا فقط اليڪشنن جي ٽائم اچي ڪوڙا دلاسا ڏئي ووٽ وٺي وڃن ٿا پوء پنجن سالن تائين نظر نٿا اچن ھنن وڌيڪ چيوته شاھ لاھوت ڊيم تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود عوام کي ڪو به فائدو نه ملي سگهيو آهي، تنهن ڪري منصوبي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ھنن سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل ادارا کان مطالبو ڪيو آهي ته واڻ ڪنڊ جي وساريل ڳوٺن ڏانهن فوري ڌيان ڏنو وڃي۽ علائقي ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت، روڊن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن رهواسين جون سالن جون تڪليفون ختم ٿي سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Jul 2026
•
پاکستان
آزاد جموں و کشمیر کا سابق وزیر اعظم سردار تنویر الیاس اپنے اہم ساتھیوں سابق وزراء علی شان سونی، ڈاکٹر نثار انصر ابدالی سمیت استحکام پاکستان پارٹی (آئی پی پی) میں شامل
02nd Jul 2026
•
کھیل
ندیم عمر ریجنل کرکٹ ایسوسی ایشن کراچی کے صدر کے لیے الیکشن لڑیں گے۔
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
پير جو ڳوٺ ڀرسان ناري مبينا ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان قتل
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: ڳوٺ حُسين بخش حاجيجو ۾ ناري مڙس هٿان قتل
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: واڻ ڪنڊ جا ڪيترائي قديم ڳوٺ سهولتن کان محروم
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺارو شاهه جي ڳوٺ ميئو چانڊيو واسي زال مڙس جو بااثرن خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: واڻ ڪنڊ جا ڪيترائي قديم ڳوٺ س
0 تبصرے