English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺارو شاهه جي ڳوٺ ميئو چانڊيو واسي زال مڙس جو بااثرن خلاف احتجاج
165 views
|
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ڀرسان ٺاروشاهه جي ويجهو ڳوٺ ميئو چانڊيو جي رهواسي شادي شده جوڙي بختاور سولنگي ۽ سندس مڙس ارسلان چانڊيو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سسرال ڌر، پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي بختاور سولنگي ۽ ارسلان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هنن پنج سال اڳ ٻنهي خاندانن جي رضامندي سان شادي ڪئي هئي. ارسلان چانڊيو الزام هنيو ته چار مهينا اڳ سندس سس جي وفات کان پوءِ سندس سهرو مير ماڇي، سندس پٽ بلاول ۽ ٻين جوابدارن سندن گهر تي زبردستي قبضي جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. هن وڌيڪ الزام هنيو ته ٻه ڏينهن اڳ پوليس جو اي ايس آءِ شوڪت علي ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏ سندن گهر ۾ زبردستي داخل ٿيو ۽ الماري مان 80 هزار رپيا روڪ رقم ۽ سون جا زيور کڻي ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مير ماڇي هڪ پلاٽ پڻ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ جڏهن هنن پنهنجي زال جي قانوني حصي جو مطالبو ڪيو ته کين قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين مبينا طور ورتل 80 هزار رپيا ۽ سون جا زيور واپس ڪرايا وڃن، سندن گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، پلاٽ ۾ سندن قانوني حصو ڏياريو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو تاحيات بک هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺارو شاهه جي ڳوٺ ميئو چانڊيو واسي زال مڙس
0 تبصرے