دادو ۾ دڪاندار جو مائٽن سميت پوليس اهلڪار خلاف احتجاجي مظاهرو

اهلڪار نادر علي پنهور رهتون گهرڻ تان دڪاندار نظر حسين پنهور جي پٽ کي کنڀي کڻي ويو: مظاهرين

دادو ۾ دڪاندار جو مائٽن سميت پوليس اهلڪار خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو (عبدالعزيز ٻٻر) دادو ۾ ھڪ دڪاندار جي ھڪ پوليس اھڪار ڏانھن رھيل رقم گھرڻ دڪاندار کي مھانگي پئجي وئي دادو شھر جي بي سيڪشن ٿاڻي جو پوليس اھلڪار نادر علي پنھور دوڪاندار تي ڪاوڙجي پيو اھڪار رد عمل ۾ بلڊنگ مٽيريل جو ڪاروبار ڪندڙ نظرحسين پنھور جي نوجوان پٽ اظھر حسين پنھور کي دادو شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ موندر ناڪي وٽ روڪي نوجوان اظھر حسين پنھور کي کنڀي دادو ۾ ھڪ ويران جاء تي 2 ڪلاڪن تائين ناحق بند ڪري تشدد ڪيو بعد ۾ نوجوان کي بي سيڪشن ٿاڻي تي ناحق بند ڪري ڇڏيو پوليس اھلڪار نوجوان کان 45000 ھزار روپيا جھڙتي دوران ڪڍي ورتا ۽ کيس ھاف فراء ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھيو بعد ۾ ايس اڇ او بي سيڪشن مشتاق احمد عالماڻي سان ناحق حراست ۾ ورتل نوجوان اظھر حسين پنھور جي وارثن جو رابطو وارثن دانھيندي ايس ايڇ او کي ٻڌايو ته پوليس اھلڪار نادر علي پنھور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان بيگناھ اسان جي نوجوان کي کنڀي ويو ۽ ھن تي تشدد ڪيو آھي ۽ 45000 ھزار روپيا ڦريا آھن اسان جي نوجوان جو ڏوھ صرف اھو آھي ته پوليس اھڪار نادر علي پنھور ڏانھن دڪاندار جي سيميٽ جي بقايا 15000 روپيا رھتو ھئي جيڪا رقم پوليس اھڪار کان گھري و ئي ته سپاھي ناراض ٿي نوجوان کي ناحق حراست ۾ ورتو ۽ کنڀي ھڪ جاء تي ناحق بند ڪري تشدد ڪيوآھي بي سيڪشن ٿاڻي جي اھڪار نادر علي پنھور مان اسان کي خطرو آھي بي سيڪشن پوليس جي اسٽيشن ھائوس آفيسر مشتاق احمد عالماني جي مداخلت تي کيس آزاد ڪيو ويو پر پوليس اھڪار جيڪوغير قانون قدم کنيو ان جي اھڙي پوليس گردي جو چيف چسٽس سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺن اسان سان انصاف ڪن ۽ اھڪار پاران نوجوان اظھر حسين پنھور کان ڦر ڪيل رقم پڻ واپس ڪرائي وڃي ٻئي طرف کليل پوليس گردي خلاف نوجوان جي وارثن پاران صحافين اڳيان احتجاج ڪيو ويو جتي وارثن چيو ته پوليس اھلڪار خلاف دادو جي عدالت ۾ انصاف لاء دانھينداسين وارثن نظر حسين پنھور عبدالغفار پنھور مظھر حسين پنھور ڀائي خان پنھور سپاف اڳواڻ نويد جمالي امجد علي ٻٻر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته دادو جو پوليس ڪماني ايس ايس پي موڪل تي ھجڻ ڪري پوليس جو عوام لاء آزار وڌي ويو آھي جنھن ڪري دادو شھر جي واپاري جي پٽ اظھر حسين پنھور جي غير قانوني گرفتاري عمل ۾ آئي ۽ نوجوان تي تشدد ڪيو ويو ۽ ناحق قيد ڪري ان کان 45000 ھزار رقم ڦر ڪئي وئي جنھن رقم مان 20000 روپيا نوجوان کي ايس ايڇ او پاران واپس ڪيا ويا آھن انصاف ٿيڻ تائين پر امن احتجاج جو دڳ اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.