ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر جي سياسي جدوجهد جو سفر

صوفی رحمان

ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر جي سياسي  جدوجهد جو سفر

سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ عوامي مسئلن جي ڳالهه ڪجي ته اڄڪلهه نوجوان قيادت ۾ ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر جو نالو نمايان طور سامهون اچي رهيو آهي هو نه صرف هڪ سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو، پر عملي طور تي به سنڌ جي عوام، شاگردن جي حقن ۽ سماجي مسئلن لاءِ ميدان ۾ سرگرم نظر اچي رهيو آهي سنڌ جي ڪنهن به ننڍي يا وڏي مسئلي تي سندس ردعمل ۽ موجودگي نوجوانن توڙي عام ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي ويجهي عرصي ۾ سنڌ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو آهي جن ۾ پاڻي جي کوٽ تعليم سان لاڳاپيل مسئلا شاگردن تي تشدد، ڪارو ڪاري، بيروزگاري، صحت جا بحران لاقانونيت اڻبرابري شامل آهن۔ اهڙن مسئلن دوران ڪيترائي سياسي ماڻهو صرف بيان جاري ڪندي نظر آيا جڏهن ته ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر عملي طور ماڻهن جي وچ ۾ پهچي سندن آواز بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي سنڌ جي پاڻي سان جڙيل “ڪنال منصوبي” خلاف جڏهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ زور ورتو، تڏهن ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر کلي نموني ان منصوبي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن به قسم جو ناجائز قبضو يا ورهاست سنڌ جي عوام لاءِ ناقابل قبول آهي مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سندس ان موقف کي ساراهيو ويو، ڇو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو مسئلو ڊگهي عرصي کان عوام لاءِ حساس مسئلو رهيو آهي ان کان علاوه، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا، تڏهن به ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر خاموش نه رهيو هو ذاتي طور يونيورسٽي پهتو ۽ متاثر شاگردن سان ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي هن شاگرد تنظيم ٽارگيٽ ٽو سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته شاگردن جي آواز کي دٻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو۔ سندس چوڻ هو ته يونيورسٽيون علم، شعور ۽ بحث مباحثي جا مرڪز آهن، جتي تشدد ۽ خوف جي سياست جي ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي شاگرد حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ اندر جڏهن به ڪنهن شاگرد سان ناانصافي ٿئي ٿي ته ذوالفقار علی بھٹو جونیئر انهن مسئلن تي کلي نموني ڳالهائيندو نظر اچي ٿو اهو ئي سبب آهي جو نوجوان نسل ۾ سندس مقبوليت تيزي سان وڌي رهي آهي صرف سياسي مسئلن تائين محدود نه، پر سماجي ۽ صحت سان لاڳاپيل معاملن ۾ به سندس سرگرميون نمايان آهن۔ تازو هن سنڌ ۾؛ ايڊز ايڇ آئي وي بابت هڪ وڏي آگاهي مهم شروع ڪئي جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ هن خطرناڪ بيماري بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي هن مهم تحت لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عوامي گڏجاڻيون، آگاهي سيشن ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ويون هن مهم دوران ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته ايڇ آئي وي ڪيئن پکڙجي ٿي، ان کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو ۽ ان بيماري بابت سماج ۾ موجود غلط فهمين کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو خاص طور تي نوجوانن، عورتن مردن ۽ ٻارن جي صحت بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي ماهرن سان گڏجي عوام کي اهو پيغام ڏنو ويو ته ايڇ آئي وي صرف مخصوص ماڻهن تائين محدود بيماري ناهي، پر احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪنهن کي به متاثر ڪري سگهي ٿي ذوالفقار علی بھٹو جونیئر پنهنجي خطابن ۾ زور ڏيندي چيو ته ايڇ آئي وي بابت ڳالهائڻ يا آگاهي ڏيڻ ڪا شرمساري جي ڳالهه ناهي، بلڪه اها انساني زندگين کي بچائڻ جي ذميواري آهي سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سماج ۾ صحيح آگاهي پيدا ڪئي وڃي ته هن بيماري کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ٿو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ انهن آگاهي پروگرامن ۾ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن ۽ شاگرد گروپن به هن مهم کي ساراهيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ صحت بابت اهڙين مهمن جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته اڪثر ماڻهو لاعلمي سبب بيمارين جو شڪار ٿين ٿا سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر جي سياست جو انداز روايتي سياسي نعريبازي کان ڪجهه مختلف نظر اچي ٿو هو سوشل ميڊيا کان وٺي ميدان تائين عوام سان سڌي رابطي تي يقين رکي ٿو ۽ ڪوشش ڪري ٿو ته هر اهم مسئلي تي پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري سنڌ اندر وڌندڙ سماجي ۽ سياسي مسئلن جي ڪري نوجوان قيادت جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، ۽ اهڙي صورتحال ۾ سندس سرگرميون خاص اهميت اختيار ڪري رهيون آهن عوامي حلقن موجب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن به ڪو مسئلو ڪر کڻي ٿو چاهي اهو شاگردن جو هجي، صحت جو، پاڻي جو يا انساني حقن جو ذوالفقار علی بھٹو جونیئر اتي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود نظر اچي ٿو سندس حمايتي چون ٿا ته هو صرف تقريرن تائين محدود نه پر عملي طور ماڻهن جي وچ ۾ وڃي سندن مسئلا ٻڌي ٿو ۽ انهن لاءِ آواز اٿاري ٿو سنڌ جي موجوده حالتن ۾ جتي نوجوان نسل مايوسي بيروزگاري ۽ سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي اتي اهڙيون شخصيتون جيڪي عوامي مسئلن تي سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿيون اهي ماڻهن لاءِ اميد جي علامت بڻجي رهيون آهن ذوالفقار علی ڀٽو جونیئر جي تازي سرگرمين مان به اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هو سياسي ميدان سان گڏ سماجي شعور ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن تي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هر وقت اڳڀرو رهيو آهي ۽ انهن لاءِ آواز بلند ڪرڻ سندس جي مشن بڻجي ويو آهي