عشق انقلاب ۽ مزاحمت جي شاعر حبيب الله سانگي کي وڇڙئي 19سال ٿي ويا

اديبن شاعرن صحافين سياسي سماجي شخصيتن حبيب الله سانگي جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري

عشق انقلاب ۽ مزاحمت جي شاعر حبيب الله سانگي کي وڇڙئي 19سال ٿي ويا

سجاول (رپورٽر) سنڌ جي عشق انقلاب مزاح ۽ مزاحمت جي شاعر حبيب الله سانگي سجاولي کي وڇڙندي اوڻيھ سال ٿي ويا سنڌ جو ھي سدا ملوڪ شاعر سنڌ جي قومي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي گھر ۾ 1958 ۾ جنم ورتو شاعري کيس ورثي ۾ مليل ھئي سندس شاعري جو ھڪ معجمو ڌرتي لڳن ڌاڙا منظر عام تي آيل آھي سندس ھڪ ڪتاب جو مواد اڃا اڻڇپيل آھي سندس شاعري ۾ سنڌ جي ثقافت سنڌ ۾ ڪاروڪاري جھڙو مدي خارج رواج توڙي سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي تي لڳندڙ ڌاڙي سنڌ جي غدار وڏيرن خلاف بغاوت جا چٽا عڪس ڏسڻ ۾ ايندا پر ان سان گڏوگڏ سندس اليڪشني شاعري ھتان جي ماڻھن جي ذھنن تي اڄ به نقش ٿيل آھي سندس مزاح واري شاعري جو پڻ الڳ رنگ آھي پاڻ جمھوريت جي بحالي واري تحريڪن ۾ پڻ عملي ڪردار ادا ڪندي ڪيترا ئي دفعا جيل جون سوبتون پڻ پلئي پيس قدرت طرفان کيس شاعري جي اھا ڏات مليل ھئي جو ڪنھن به وقت ڪھڙي به ٽائيم ڪنھن به موضوع تي چند منٽن ۾ شعر ٺاھي وٺندو ھو پاڻ ٻاويھ مئي ٻه ھزار ست ۾ ڪينسر جھڙي موذي مرض جھيڙندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو سندس وڇوڙي کي اڄ اوڻيھ سال ٿي ويا آھن سندس اوڻيھ ورسي جي موقعي تي پ پ پ جي سرگرم اڳواڻ عبدالطيف ميمڻ سندس گھر ڀاتين ڊاڪٽر عثمان سرويچ اسماعيل سرويچ نجيب سرويچ بشير سرويچ سنڌ جا ناليوارا شاعر عبد سنڌي محمد ٻارڻ سميت پ پ پ اڳواڻ زاھد حسن کڏو علي محمد لغاري علي نواز ڀرڳڙي شھمير گبول عبدالله خان لغاري شفقت شاھ مٽياري عرفان قاسم سومرو سليم ساگر کوسو محمد خان تارڙو عبدالشڪور ميربحر حاجي مظفر لغاري عارف ابڙو شاد رزاق ميمڻ نانا ٻارڻ اشرف ٻارڻ ڄام دوست علي سھتو شعيب پنھور گلاب کوڙ نور محمد شاھ سرمد ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ اديبن شاعرن صحافين سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي سندس آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي ان موقعي تي سنڌ جو ناليوارو فنڪار سڄڻ سرائي رنگريز صاحب جي شاعري ڀيٽا ڏيندي سُر ۾ ڳائي ماحول سوڳوار بنائي ڇڏيو....