بخشاپور جي ڪچي جي ڳوٺ عيدو ڀنگوار ۾ ۾ پلاند ۾ گهر تي حملو، زال مڙس سميت 3 گهرڀاتي قتل

گوليون لڳڻ سبب 20 ورهين جي مسمات عالمان خاتون، سندس مڙس ميهر علي ۽ ڏير غلام فريد ڀنگوار مارجي ويا

بخشاپور جي ڪچي جي ڳوٺ عيدو ڀنگوار  ۾ ۾ پلاند ۾ گهر تي حملو، زال مڙس سميت 3 گهرڀاتي قتل

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ويجهو گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ڳاڙھي موري لڳ ڳوٺ عيدو بنگوار ۾ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان مبينا گهر مٿان حملو ، حملي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون هڪ ئي گهر جي هڪ عورت ۽ ٻن مردن سميت ٽي ڄڻا قتل ، حملي دوران سموري علائقي ۾ خوف و حراس ڇانئجي ويو ، واقعي بعد گبلو پوليس واقعي واري هنڌ وڃڻ بدران ٿاڻي تائين محدود بڻيل رهي ، قتل ٿيل ٽنهي گهرڀاتين جا وارث پاڻمرادو لاش ڊاسٽن وسيلي ٿاڻي آندا جتان پوليس ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيا ويا مارجي ويلن ۾ 20 ورهين جي مسمات عالمان خاتون, 26 ورهين جو مڙس ميهر علي 22 ورهين جو ڏير غلام فريد بنگوار شامل آهن پوليس جو چوڻ هو ته ٽنهي گهر ڀاتين جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا پراڻي تڪرار جا ڪارڻ بابت اسانکي ڪابه ڄاڻ ناهي رات دير سان واقعو پيش آيو آهي، جوڳن ذريعن ٻڌايو ته هڪ سال اڳ ڪنڌڪوٽ جي ملهير واري علائقي ۾ چوپائي مال جي چوري معاملي جي شڪ هجڻ تان علي جان بنگوار قتل ٿي ويو هو جنهن جي پلاند ۾ رات دير سان جوابدارن گهر مٿان حملو هڪ عورت ۽ ٻن مردن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي ٽن گهر ڀاتين جي قتل واقعي بعد ايس ايس پي ڪشمور اوقعي جو نوٽس وٺندي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري گبلو جي ڪچي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاء سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو