سکر جي صحافت جو هڪ نرالو ڪردار: سعيد سرهندي

عمر سومرو

سکر جي صحافت جو هڪ نرالو ڪردار: سعيد سرهندي

انسان کي ياد رکڻ جو سبب سندس چهرو، رنگ يا ظاهري صورت نه هوندي آهي، پر سندس اخلاق ۽ ڪردار۽ عمل هوندو آهي. سٺو ڪردار ئي انسان جي اصل سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي. جنهن انسان جو ڪردار، عمل ۽ سٺو اخلاق رويو محبت ڀريو هوندو آهي، اهو ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو آهي. اهڙا ماڻهو وقت گذرڻ سان وسري ناهن ويندا، پر يادگيرين ۾ وڌيڪ روشن ٿيندا ويندا آهن. سکر جي صحافتي دنيا ۾ اهڙن ئي يادگار ڪردارن مان هڪ نالو محمد سعيد سرهندي جو پڻ آهي، جنهن کي وسارڻ انهن سڀني لاءِ ناممڪن آهي، جن کي سندس ساٿ، محبت ۽ رهنمائي نصيب ٿي. سکر جو سينيئر سعيد سرهندي هڪ انتهائي شفيق، نرم دل ۽ ملڻسار انسان هو. سندس شخصيت ۾ محبت، خلوص ۽ انسان دوستي نمايان هئي. هو ماڻهن سان اهڙي انداز ۾ ملندو هو، ڄڻ ته سالن کان واقف هجي. هن جي گفتگو ۾ نرمي ۽ اخلاق ۾ سادگي هئي، جيڪا هر ملندڙ ماڻهو کي متاثر ڪري ڇڏيندي هئي. پارٽين جا وڏا ليڊر سکر۾ پريس ڪانفرنس ڪن يا سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائڻ، سعيد صاحب ۾ اهڙو اهليت جو گُر هو جو کين پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيندو هو، هن جي هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو ٻولين تي غير معمولي عبور رکندو هو. پنهنجي مادري ٻولي اردو سان گڏ هو سنڌي، انگريزي، پنجابي، گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي ٻوليون به رواني سان ڳالهائي سگهندو هو. اها صلاحيت نه رڳو سندس علمي ذهانت جو ثبوت هئي، پر ماڻهن سان رابطا وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي هئي. شاگرد سياست ۾ سرگرمي سان گڏ صحافتي شروعاتي سفر ۾ هر ايونٽ ۾ سرگرم ڏسي هن جي شفقت ۽محبت ساڻس ويجهو رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، مون کان عمر ۾ وڏو هجڻ باوجود، سعيد سرهندي مون لاءِ صرف هڪ ساٿي نه رهيو، پر هڪ ئي وقت سٺو دوست، استاد ۽ صحافتي شعبي ۾ وڏي ڀاءُ جيان رهنمائي ڪندڙ شخصيت پڻ رهيو. صحافت جي ميدان ۾ سندس تجربي ۽ ڏاهپ مان ڪيترن ئي ماڻهن فائدو حاصل ڪيو. هو نوجوان صحافين جي همٿ افزائي ڪندو هو ۽ کين صحافت جي اصولن، ذميوارين ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ بابت رهنمائي ڏيندو رهندو هو. وڏي ڳالھ اها هيس جو جڏهن فيڪس ڪرڻ جو زمانو هو ڪابه خبر لکي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو هڪ چُڪ ڪڍڻ تي هو سڄو پيج ڦاڙي ٻيهر لکندو هو ان ۾ ڪابه هٻق محسوس ڪرڻ يا ناراض ٿيڻ بدران خوش ٿيندو هو ٻه ان وقت نوجوان صحافي دوست امداد بوزدار ۽ سرفراز باجواه زندگيءَ آخري ڏينهن تائين ساڻس لاهور ۽ ڪراچي اسپتال۾ گڏ هئا ان صورتحال ۾ هنن جي رابطي دوران پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پڻ سعيد صاحب جي علاج ۾ ڀرپور سھڪار ڪردار ادا ڪندي کيس لاهور کان ڪراچي جهاز وسيلي ڪراچي جي بقائي اسپتال ۾ شفٽ ڪرايو ان بعد آج ٽي وي جي اينڪر طلعت حسين جيڪو سعيد صاحب جي زبردست اردو ڳالهڻ تي وڏي عزت ڪندو هو هن کيس آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرايو، سعيد صاحب جو شروعاتي جوڙ سکر پريس ڪلب جي سرپرست اعلي ' مرحوم سيد مشتاق گيلاني، مرحوم شميم شمسي ،مرحومه عتيق احمد عتيق ،مرحومه طاهر ڀائي، خواجه جاويد، خورشيد جي، پير غفار ،يونس ميمڻ، محبوب ڀائي، وسيم شمسي ،آصف ظهير لودهي، مرحوم چوڌري محمد ارشاد، شاهد ڀائي،عبالسميع پيرزادو ،ايوب ڪمبوه ۽ ٻين جن جا نالا ياد نه ٿا اچن انهن سان گهڻو رهيو رات دير تائين گهنٽا گهر، ڊون ريسٽورنٽ ،ڪيفي الفريد ريسٽورنٽ ،دهلي مسلم يا شنگريلا هوٽل ٻاهران ويهندا هئا،ڪجهه وقت اسان اسلام اخبار جي آفيس بعد حسيب شيخ جي آفيس ۾ به ويهندا هئاسين، جتي استاد شوڪت راهي، مرحوم جلال ڀيو، مرحوم ايوب، راجپوت،مسعودزيدي،سيد قضافي شاہ ،راجا شاهد،شعيب ملڪ وغيره موجود هوندا هئا، منهنجي عوامي آواز سکر بيورو آفيس مشن روڊ تي 2003۾ قائم ڪرڻ بعد هن جو مون سان ساٿ گڏ رهيو، هو اسلام اخبار جي بيوروچيف محمد رضوان صديقي جي ڪمپيوٽر تي ساڻس گڏ آپريٽر کان اردو خبرون ٺاهرائيندو هو، 3 ڏينهن اڳ فوت ٿيل سکر جو سينيئر صحافي جلال الدين ڀيو، سرجي رياض راجپوت ،عبيدﷲ شيخ، رئيس ابڙو، راشد ريحان ،ڊاڪٽر عبدالوحید مستوئي ،مجيد نواز مغل،شڪيل عاجز ،فريد سومرو،محمد زمان باوجوا،مختيار شامي،فضل الرحمان قريشي مولوي، جان محمد انصاري يا منهنجا ذاتي دوست وغيره به انهيءَ آفيس ۾ ويهندا هئا خوب ڪچهريون ٿينديون هيون، سڀ کيس وڏي هجڻ جي ناتي انتهائي عزت سان پيش ايندا هئا، سعيد صاحب سان ڪيل مذاقون، ڪيل سفر به تمام يادگار رهيا ساڻس گڏ پهريون ڀيرو جهاز ۾ ڪراچي ۽ آواري ٽاور ۾ صحافتي ورڪشاپ ۾ گڏ اٽينڊ ڪرڻ پڻ يادگار هو جنهن ۾ اسان جو هيرو امداد بوزدار، محمد رضوان صديقي، ڪي بي شيخ به گڏ هليو هو، بيماري جي آخري ڏينهن ۾ اختلافن کي پري رکي اسان جي صحافي دوست موجود پي ايف يو جئي جو مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ ،نصرﷲ وسير ،شهيد جان محمد مھر، مرحوم جاويد ميمڻ، لياقت لغاري، سميت سکر پريس ڪلب ڪلب جا سڀ صحافي ساڻس ڪري سندس گهر ملڻ وارو تمام سٺو عمل ڪيو ته خوشي وچان سعيد صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، سينئر صحافي ممتاز بخاري هجي يا شوڪت نوناري ،،نثار کوکر، ياسين جوڻيجو هجي يا ڪراچي ويل ڪمال لاشاري،۽ مرحوم حڪيم سيٺار سميت ٻيا،مطلب ان دور ۾ سڀ صحافي کيس سٺي ڪردار جي ڪري عزت ڏيندا هئا ، سعيد صاحب جو دوست سندس نالي ڀائي محمد سعيد يا ٻيا دوست اڄ به ڪٿي ملندا آهن ته ان جي نسبت جي ڪري انهن مان اها ئي محبت نظر ايندي آهي، مون کان اهو ڏينهن ڪڏهن نه وسرندو جڏهن هن علاج لاءِ لاهور وڃڻ کان اڳ مون سان ڀاڪر پائي موڪلايو هو ڄڻ کيس خبر هئي ته بس اهو آخري ڀاڪر آهي، هن جي بي پناهه محبت سندس سخت ڪاوڙ ۾ ان وقت ڏٺي جڏهن هن مون ڪنهن معاملي تي سخت لفظ ڳالهائي سمجهايو هن جي ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيڪا نٿي وسري! بيشڪ هر انسان ۾ خوبيون ۽ خاميون گڏ هونديون آهن، پر جڏهن ڪنهن شخص جي خوبيون وڌيڪ هونديون آهن ته اهي خامين تي حاوي ٿي وينديون آهن ۽ خاميون نظر ئي ناهن اينديون. سعيد سرهندي به اهڙن ئي ماڻهن مان هو، جن جي شخصيت ۾ موجود سٺايون سندس ٻين ڪمزورين کي به لڪائي ڇڏينديون هيون. هن جي سادگي، خلوص ۽ دوستي جو جذبو کيس ٻين کان منفرد بڻائيندو هو. سکر جي صحافتي حلقن ۾ سعيد سرهندي کي هڪ خوشحال ۽ خوددار صحافي طور سڃاتو ويندو هو. شروعاتي دور ۾ صحافت سان گڏ سندس ڌاڳي جو ڪاروبار به هو، جيڪو افغانستان سميت ٻين علائقن تائين پکڙيل هو. انهيءَ ڪاروبار سبب کيس معاشي طور به سٺي حيثيت حاصل هئي. ان دور ۾ جڏهن سکر جي اڪثر صحافين وٽ ذاتي گاڏي نه هوندي هئي، تڏهن سعيد سرهندي وٽ ڪار موجود هئي، جيڪا ان وقت سندس خوشحالي ۽ محنت جو ثبوت سمجهي ويندي هئي.پر وقت گذرڻ ۽ افغانستان جي تبديل ٿيندڙ حالتن کيس ڪاروبار ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو ان باوجود هن همت نه هاري ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اهڙن ڪمن ۾ سهڪاري ڪردار ادا ڪري پنهنجي محنت وصول ڪندو هو جيڪو ڪو ماڻهو پاڻ نه ڪري سگهي هو سکر چيمبر آف ڪامرس ۾ به دوستن نهايت سهڪاري ڪردار ادا ڪندو هو انڪم ٽيڪس جي حوالي سان به کيس وڏو تجربو هو ان جو اسان ان مان اندازو لڳايو جڏهن ساڻس ملندڙ جو انگ وسيع هوندي ڏٺو، ساڻس ميڊيا ورڪشاپن ۾ گڏ وڃڻ وارا سفر به يادگار رهيا سندس جنم ڏينهن 6سيپتمبر 1947 آهي ۽ سعيد سرهندي جي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ پاڪستان ٺهڻ جي 4 ڏينهن اڳ يعني 10 آگسٽ 1947 تي سندس والد کي شهيد ڪيو ويو سعيد صاحب جي تربيت ان جي امڙ وڏي ڏکي حالتن ۾ ڪئي. کيس ايم اي جرنلزم تائين سٺي تعليم ڏياري، 40 سال صحافت کي ڏيندڙ سعيد سرهندي 31 مارچ 1988 ۾ شادي ڪئي شريڪ حيات مان ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ محمد بلال جو اولاد آهي سندس بيواه اسان جي باجي هينئر تائين انهيءَ خودداري سان ڪرائي جي گهر ۾ زندگيءَ جو سفر ڪٽي رهي آهي سعيد صاحب مختلف اخبارن امن، نوائي وقت، مارننگ نيوز ،بزنس ريڪارڊ ،يادگار، ڪليم،ديانت ،انڊس نيوز چئنل۽ پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين مشهور نيوز ايجنسين پي پي آئي ۽ آن لائين سان گڏ آج نيوز چينل جو سکر مان بيورو رپورٽر رهيو. ڪليم، يادگار ۽ ديانت جو پڻ نيوز ايڊيٽر به رهيو، ڪليم جي باني مهر الاهي شمسي ،جاويد شمسي مرحوم شاهد شمسي ،شمس پٺاڻ،عبيدﷲ شيخ ،يادگار ۾رياض شاهد، عالم سومرو ۽ ديانت ۾ نجم شيخ، فريد ڀائي, سندس ڀاءُ محمد عرفان شيخ سان به ويجهو وقت گذاريو ، هن هميشه صحافت کي ذميواري، ايمانداري ۽ سچائي سان انجام ڏنو ۽ پنهنجي پيشاورانه اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو.17 مارچ 2009ع تي سعيد سرهندي هن فاني دنيا مان رخصت ٿي ويو، پر سندس وڇوڙو سکر جي صحافتي دنيا لاءِ هڪ وڏو خال ڇڏي ويو. اڄ سندس 17 ورسي جو ڏينهن آهي هن جي وڃڻ سان نه صرف هڪ تجربيڪار صحافي، پر هڪ مخلص دوست، مهربان استاد ۽ بهترين انسان به اسان کان جدا ٿي ويو. اڄ به جڏهن سکر جي صحافت جي تاريخ جو ذڪر ٿيندو آهي ته محمد سعيد سرهندي جو نالو عزت، احترام ۽ محبت سان ورتو ويندو آهي. سندس شخصيت، اخلاق ۽ صحافتي خدمتون انهن سڀني ماڻهن لاءِ هڪ يادگار مثال آهن، جيڪي صحافت کي صرف پيشو نه، پر ذميواري ۽ خدمت سمجهن ٿا. بيشڪ، اهڙا ماڻهو جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويندا آهن، پر پنهنجي ڪردار، خدمتن ۽ يادگيرين جي صورت ۾ هميشه زنده رهندا آهن. محمد سعيد سرهندي به انهن ئي شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن جو نالو سکر جي صحافتي تاريخ ۾ هميشه احترام سان ياد رکيو ويندو. رب پاڪ کان دعا آهي ته هن رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ کيس پنهنجي خاص جوار رحمت عطا ڪندي جنت الفردوس ۾ اعلي' درجات عطا فرمائي آمين.