ايم پي اي محمد فاروق فرحان، الطاف شاهه شيرازي، ڏاڏا آدم گندرو، عبدالحميد سمون ۽ ٻيا شريڪ
ٺٽو (ڊ ر)جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي پاران نيو براق ريسٽورنٽ ۾ رمضان المبارڪ جي مناسبت سان افطار ڊنر تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر محمد فاروق فرحان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سيد الطاف شاهه شيرازي، ڏاڏا آدم گندرو، جماعت اسلامي ٺٽو جي امير عبدالحميد سمون، بار ايسوسيئيشن جي صدر اعزاز شاهه، وڪيل منور علي ڀٽو ،اي ڊي شيخ، خدا بخش ڀهراڻي سميت وڏي انگ ۾ شهرين، صحافين ڪارڪنن ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي محمد فاروق فرحان چيو ته رمضان المبارڪ اهو برڪتن وارو مهينو آهي جنهن ۾ الله پاڪ قرآن مجيد نازل فرمايو، جيڪو انسانيت لاءِ مڪمل هدايت جو ڪتاب آهي. هن چيو ته جيئن ڪو ماڻهو ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ ڊاڪٽر نٿو بڻجي سگهي ۽ لا جا ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ وڪيل نٿو بڻجي سگهي، تيئن قرآن پاڪ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ انسان زندگي جي اصل مقصد ۽ صحيح راهه کي سمجهي نٿو سگهي. رمضان ۽ قرآن اسان کي اهو سبق ڏين ٿا ته اسين قرآن جي تعليمات کي سمجهي پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي عوامي قيادت واري جماعت آهي، جيڪا ڪارڪردگي جي بنياد تي اڳتي وڌي ٿي ۽ هتي ڪنهن به قسم جي خانداني سياست يا اجاره داري جي گنجائش ناهي. جماعت اسلامي ۾ هر ماڻهو کي برابري جا موقعا حاصل آهن ۽ عام ماڻهو به پنهنجي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي قيادت تائين پهچي سگهي ٿو. ايم پي اي ٺٽي جي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيستائين عوام پاڻ پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي، تيستائين مسئلا حل ٿيڻ مشڪل آهن. هن چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سڀني بنيادي سهولتن جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي، جن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف ۽ اهڙي نظام جي قيام لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جتي جزا ۽ سزا سڀني لاءِ برابر هجي، ڇو ته موجوده حالتن ۾ عام ماڻهو کي ته سزا ملي ٿي پر وڏا ماڻهو قانون کان بچي وڃن ٿا. تقريب دوران ھن عوام کي اپيل ڪئي ته هو معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن ۽ ملڪ ۾ انصاف، برابري ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل نظام جي قيام لاءِ جدوجهد ۾ حصو وٺن.
0 تبصرے