ٺٽو (شفيق ڀٽي) ايس ايس پي ٺٽو پاران ماهه رمضان المبارڪ ۾ مثالي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي سب ڊويزن ٺٽو جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ اجتماعي افطاري جو اهتمام ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجارانی پاران ماهه رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ مثالي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي سب ڊويزن ٺٽو جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ ٿاڻي ٺٽو تي اجتماعي افطاري جو اهتمام ڪيو ويو. هن اقدام جو مقصد رمضان المبارڪ جي مقدس ڏينهن ۾ پوليس فورس اندر باهمي يگانگت، ٽيم ورڪ ۽ پيشاورانه هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ هو. تفصيل موجب ڊي ايس پي يو ٽي واجد اڪبر عباسي، ايس ايچ او ٿاڻو ٺٽو انسپيڪٽر زياد حسين نوناري، ايس ايچ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر الله وسايو نوہڙي، پوليس پوسٽن جا انچارج ۽ ٻين جوانن سان گڏ سماجي شخصيت سيٺ شبير درس پڻ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه افطاري جي موقعي تي لاڳاپيل ٿاڻن جا ايس ايچ اوز، تفتیشي آفيسر، محرر ۽ ٻيا پوليس اهلڪار پڻ موجود هئا. ايس ايس پي ٺٽو جوانن سان گڏ ويهي افطار ڪيو، سندن مسئلا ٻڌا ۽ ڊيوٽي دوران پيش ايندڙ معاملن تي خيال ونڊيا. ان موقعي تي ، ۽ پوليس فورس انهن قدرن کي سامهون رکي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي اندر امن امان جي فضا کي هر حال ۾ برقرار رکيو ويندو ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. ايس ايس پي ٺٽو سڀني آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجا فرض سچائي ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏين، سنيپ چيڪنگ دوران عوام سان خوش اخلاقي سان پيش اچن ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي پنهنجو اولين فرض سمجهن.
0 تبصرے