سائين سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جهڙين شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي پيشيوراڻي مهارت (Professionalism) ۽ سماجي خدمت کي اهڙي خوبصورتيءَ سان گڏايو آهي، جو هو اڄ ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ مشعلِ راهه بڻيل آهن.
هو انهن ماڻهن مان ناهي، جيڪي رڳو عهدي سان سڃاتا وڃن؛ هو پنهنجي ڪردار، سچائي ۽ ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. سندس زندگي ان حقيقت جو زنده مثال آهي تہ جڏهن انسان ۾ سچي لگن هجي ته هو پنهنجي پيشه ورانه ذميوارين سان گڏ سماجي خدمت جو حق بہ ڀرپور نموني ادا ڪري سگهي ٿو.
هن وقت هو Sindh Graduates Association (سگا) جي سيڪريٽري جنرل طور سنڌ جي سماجي بهتريءَ لاءِ ڏينهن رات مصروفِ عمل آهي
سندس جي سڃاڻپ جو هڪ وڏو حصو “سگا” سان وابسته آهي. هو هن تنظيم سان ڪنهن عهدي جي خواهش ۾ نه، پر هڪ مقصد تحت جڙيل رهيو آهي. سندس سفر مختلف مرحلن مان گذريو آهي، جيڪي سندس تنظيم سان عشق جو ثبوت آهن.
سيڪريٽري فنانس ۽ چيئرمين:
هو سگا جو سيڪريٽري فنانس ۽ مرڪزي چيئرمين رهي چڪو آهي. سندس دور ۾ تنظيم کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ، حساب ڪتاب ۾ نظم ۽ ضبط آڻڻ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ثابت ڪيو ته مالي سچائي ڪنهن به اداري جي ريڙهه جي هڏي هوندي آهي.
سائين هن وقت سيڪريٽري جنرل طور تنظيم جي انتظامي معاملن، تعليمي، ثقافتي پروگرامن ۽ سنڌ جي گريجوئيٽس کي هڪ فڪري پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. سندس قيادت ۾ سگا رڳو هڪ تنظيم نه، پر هڪ فڪري تحريڪ جي صورت اختيار ڪندي نظر اچي ٿي جيڪا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاء هر وقت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي،
سائين علي حسين بروهي جو پيشيورانہ سفر انتهائي شاندار رهيو آهي، خاص طور مالي ۽ انتظامي شعبن ۾.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
۾ اعليٰ عهدن تي فائز رهيو آهي، جتي چيف مينيجر ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي ريجنل مينيجر طور سندس خدمتون قابلِ ذڪر آهن. هن پنهنجي انتظامي بصيرت ۽ اصولي انداز سان اداري جي وقار کي مضبوط ڪيو.
هن وقت هو Banking Mohtasib Pakistan جي ايڊوائيزر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هتي هو عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ بئنڪنگ نظام ۾ سڌارن لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس تجربو ۽ ديانتداري هن حساس شعبي ۾ هڪ معتبر سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي.
سيڪيورٽي پرنٽنگ ۽ انتظامي ادارا:
سندس ڪيريئر جو هڪ اهم پاسو سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل انتظامي اداري سڪيورٽي پيپرز لميٽيڊ ۾ چيف ايگزيڪيوٽو طور خدمتون پڻ رهيون آهن، جيڪي سندس ورسٽائل ۽ باصلاحيت شخصيت جو ثبوت آهن.
هينڊس سان وابستگي:
صرف سگا ئي نہ، پر هو HANDS جي وائيس چيئرمين طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هينڊس ذريعي صحت، تعليم ۽ غريب طبقي جي فلاح و بهبود لاءِ پاليسي سازي ۽ عملدرآمد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
سندس لاءِ خدمت ڪا رسمي ذميواري نہ، پر هڪ اندروني احساس آهي.
سائين علي حسين بروهي رڳو آفيس ۾ ويهي هدايتون جاري ڪرڻ وارو اڳواڻ ناهي، هو پاڻ کي هڪ “ورڪر” سمجهي ڪم ڪندو آهي. جڏهن رضاڪار ڏسندا آهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو اڳوڻو اعليٰ آفيسر سگا جي گڏجاڻين ۾ هڪ عام ڪارڪن وانگر ويهي ڪم ڪري ٿو، ته سندن اندر پاڻمرادو جذبو پيدا ٿيندو آهي.
سندس قيادت حڪم ڏيڻ جي نه، پر پاڻ مثال بڻجڻ جي قيادت آهي.
مالي شفافيت ۽ ڀروسو
بئنڪنگ شعبي سان وابستگيءَ سبب هن سگا جي مالي نظام ۾ اهڙي شفافيت آندي آهي، جو هر ڪارڪن کي پڪ هوندي آهي ته تنظيم جو هر پئسو صحيح جاءِ تي خرچ ٿي رهيو آهي. اها سچائي رضاڪارن جي دلين ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي، ۽ اعتماد ئي تنظيم جي طاقت هوندو آهي.
سادگي، رابطو ۽ پنهنجائپ
بروهي صاحب جي هڪ خاص خوبي سندس سادگي آهي. هو مرڪزي اڳواڻن کان وٺي ننڍن شهرن جي شاخن جي عام ميمبرن سان سڌو رابطو رکي ٿو. سندس گفتگو ۾ وڏائيءَ جو عنصر نه هجڻ سبب رضاڪار ساڻس پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون بي ڌڙڪ ونڊين ٿا. اهو پنهنجائپ جو احساس ئي تنظيم جي اصل سرمايي طور ڪم ڪري ٿو.
نوجوانن جي رهنمائي
هو نوجوان گريجوئيٽس کي اڳتي آڻڻ جو قائل آهي. هو کين رڳو ڪم ناهي ڏيندو، پر رهنمائي به ڪندو آهي. جڏهن ڪو نوجوان رضاڪار ڪو سٺو ڪم ڪري ٿو، ته سندس ٿوري واکاڻ بہ ان لاءِ وڏي همت بڻجي ويندي آهي.
هو کين اهو احساس ڏياريندو آهي:
“توهان سنڌ جو مستقبل آهيو.”
بحرانن ۾ ثابت قدمي
. سندس ثابت قدمي رضاڪارن ۾ اهو ويساھ پيدا ڪري ٿي ته سندن اڳواڻ مخلص آهي، ۽ اها سچائي سڄي تنظيم ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيندي آهي.
هو لفظن جو نہ، عملن جو ماڻهو آهي،
هو شور نہ، پر خاموش تحريڪ آهي.
هو عهدي سان نہ، اصولن سان وڏو آهي،
هو خدمت جي راهه جو مسافر آهي.
جتي به سنڌ جو ذڪر اچي ٿو،
اتي سندس دل اڳيان بيهي ٿي،
هو فرض کي عبادت سمجهي،
زندگيءَ کي مقصد بڻائي ٿو.
سائين علي حسين بروهي صاحب جو سگا سان رشتو ڪنهن عهدي جي لالچ جو ناهي، پر عشق جو رشتو آهي. سندس ڪم سان سچائي (Commitment) ئي اها طاقت آهي، جيڪا سڄي سنڌ ۾ پکڙيل سگا جي هزارين رضاڪارن کي متحرڪ رکي ٿي.
سائين علي حسين بروهي صاحب لفظن جونہ ،پرھڪ عمل جو آواز آهي.
ھوعھدن جي اوچائي جو طلبگار نہ،پرڪردار جي سچائيءَ جو اعزاز آهي.پاڻ سنڌ سان ساھ جيان ڳنڍيل خدمت جو ھڪ ترجمان آهي.
سائين علي حسين بروهي صاحب قيادت جو صرف دعويدار نہ،پر قيادت جوھڪ عظيم مثال آهي.
هو سنڌ جي فڪري ۽ سماجي تحريڪن جو هڪ مضبوط ٿنڀو آهي۽ يقيناً ايندڙ نسلن لاءِ حوصلي جو سرچشمو رهندو.
0 تبصرے