پوري دنيا ۾ 22 اپريل تي ڌرتي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي: ايم اين اي ڊاڪتر مهيش ڪمار ملاڻي
مٺي (رپورٽر) پوري دنيا ۾ 22 اپريل تي ڌرتي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد ڌرتي کي گھڻي رخي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ گدلاڻ کان پاڪ ماحول کي هٿي وٺرائڻ آهي ته جيئن اسان جي ڌرتي ۽ ماحول ماڻهن جي صحت لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ڌرتي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جي مناسبت سان سنڌ جي ماحولياتي تحفظ واري اداري پاران غير سرڪاري تنظيم ڪلائيمينٽ سمارٽ نيٽورڪ جي سهڪار سان ورچوئل يونيورسٽي مٺي جي ڪانفرنس هال ۾ “اسان جي ڌرتي اسان جي طاقت” جي عنوان هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته ماحول جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.هن ٻڌايو ته پاڪستان جي آئين ۾ صحتمند ماحول کي بنيادي حق طور تسليم ڪيو ويو آهي جنهن مان رياست جي ماحولياتي تحفظ بابت مضبوط عزم جو ثبوت ملي ٿو. هن چيو ته سرڪار ڌرتي کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي جن ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ موجود قانون تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ،توانائي جي واڌاري، وڻڪاري مهمون، موسمي تبديليءَ سان مقابلي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي اداري جي قيام سميت ٻيا اهم قدم آهن.هن چيو ته پاڻي جي کوٽ، گدلاڻ ۽ موسمي تبديلي جهڙين وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر شهري کي سنجيدگي سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ پوندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪلائيمينٽ چينج نيٽورڪ جي چيئرمن ۽ ناليواري ماحول دوست پروفيسر ڊاڪٽر نواز ڪنڀر چيو ته اسان هن مهل سنڌ جي چئن ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون.هن ٻڌايو ته گرمي پد وڌي وڃڻ جو وڏا ڪارڻ آبادي ۾ مسلسل واڌ،ٻيلن جو خاتمو،اربنائزيشن،صنعتن مان خارج ٿيندڙ زهريلو مواد،بٺن ۽ گاڏين مان نڪرندڙ دونهو ۽ ٻيا عنصر شامل آهن.هن چيو ته هڪڙي پاسي سرڪار آبادي تي ضبطو آڻڻ لاءِ وڏي رقم خرچ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي وري هر نئين ڄاول ٻار تي معاوضو ڏنو وڃي ٿو جيڪا هڪ المناڪ صورتحال آهي.هن ٻڌايو ته پاڪستان جي وجود مهل اسان وٽ 5000 ڪيوبڪ فوٽ پاڻي موجود هو جيڪو هاڻي گھٽجي هڪ هزار کان به گھٽجي ويو آهي.هن چيو ته سنڌ خاص طور ٿر سياحتي ۽،مذهبي ۽ تفريحي ماڳن سان مالامال آهي صرف نگر پارڪر ۾ 3000 کان وڌيڪ ماڳ موجود آهن جن کي هٿي وٺرائي ٿر جي سونهن ۾ نه رڳو اضافو ڪري سگھجي ٿو پر هتي جي مقامي ماڻهن لاءِ معاشي موقعا به پيدا ڪري سگھجن ٿا.ان موقعي تي ڳالهائيندي ماحولياتي تحفظ واري اداري ميرپورخاص جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي محمد رند چيو ته ڌرتي کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.هن ٻڌايو ته صنعتن يونٽن کي پابند ڪيو ويو آهي ته آهي پنهنجي صنعتن مان خارج ٿيندڙ مواد کي ٽريٽمنيٽ پلانٽ ۾ صاف ڪري پوءِ ان جو نيڪال ڪن جڏهن ته سرن جي بٺن کي شاور لڳائڻ سميت وڌيڪ دونهون ڏيندڙ ۽ گھوڙ پيدا ڪندڙ گاڏين خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.هن ٻڌايو ته اسان جيڪا فطرت سان هٿ چراند ڪئي آهي ان جا اگرا نتيجا اسان جي سامهون آهن جيڪي مسلسل وڌي رهيا آهن جن کي منهن ڏيڻ جو واحد حل پنهنجي ڌرتي کي گدلاڻ کان بچائي ان کي سرسبز بنائڻ آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڌرتي کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکيون،پاڻي کي اجائي زيان ٿيڻ کان بچايون، پلاسٽڪ بيگز جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي، ۽ روزمره جي زندگي ۾ ماحول دوست روين کي اختيار ڪرڻ سان اسان پنهنجي ڌرتي جي تحفظ کي يقيني بنائي سگون ٿا .سيمينار کي ٿر فائونڊيشن جي جنر مئينيجر فرحان انصاري خطاب ڪندي ٻڌايو ته سندس اداري پاران 1.3 ملين ايڪڙ تي ٻوٽا لڳايا ويا آهن.هن چيوته ٿرپارڪر فطري سونهن سان مالامال آهي جتي مور ،هرڻ،سهو،تترن سميت ٻيا جيوت موجود آهن جڏهن ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن به حصي ۾ ايترا جيوت موجود ناهن،هن تجويز پيش ڪئي ته ڌرتي کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ انفرادي طور نه پر هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا هڪ گڏيل پليٽ فارم ذريعي ڪم ڪري جنهن جا خاطر خواھ نتيجا ملند.سيمينار کي ڪلائميٽ سمارٽ نيٽورڪ جي ڪوآرڊينيٽر اعجاز بجير خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي ماحول دوست منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته عوام ۾ ان ڏس ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ تربيتي ورڪشاپ ،جاڳرتا سيمينار ۽ڳوٺاڻن سان گڏجاڻيون ڪري کين پنهنجي ماحول کي بچائڻ لاءِ سندن رهنمائي ڪئي پئي وڃي،سيمينار مير حسن آريسر، جي ايم بجير، امتياز نور ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، آخر ۾ اڳواڻن ٻوٽا پڻ لڳايا.
0 تبصرے