اسان جي ذميواري سنڌ جي پاڙن ۾ گهر ڪري ويٺل جهالت ۽ ڪرپشن کي اکوڙي ڪڍڻ آهي: اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجو سان سنڌ جي مختلف علائقن جي شاگردن ۽ مختلف ملڪن مان آيل دوستن ملاقات ڪئي

اسان جي ذميواري سنڌ جي پاڙن ۾ گهر ڪري ويٺل جهالت ۽ ڪرپشن کي اکوڙي ڪڍڻ آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان لا آفيس قاسم آباد ۾ ڪشمور، نوابشاھ، سانگھڙ، گھوٽڪي، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ نوشھري کان ملاقات لاءِ پرجوش شاگردن، نيوزي لينڊ کان آيل فاريسٽر مھمانن ۽ انگلينڊ جي سرجن ساٿين، يو اي اي ۽ ڪرغستان جي دوستن ملاقات ڪري اھم گفتگو اھم صلاحون ڪيون. ھر ڏينھن نون ساٿين ۽ اتساھيندڙ نوجوانن سان نون عملي ڪمن، نون رستن ۽ ثابت قدم جدوجھدن جون منظم رٿابنديون ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ ٻيا ڀلي اقتدار، ايم اين اي، ايم پي اي، وزارتن، ٺيڪن، سينيٽرين، پئسن ۽ پاور جي تلاش ۽ جستجو ۾ چوويھ ڪلاڪ جنبيل ۽ بيچين رھن. اسانجي مٿي جي ڀري ۽ قومي ذميداري آھي سنڌ جي پاڙن ۾ گھر ڪري ويٺل جھالت، ڪرپشن، ڏوھن، نشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ کي اکوڙي ڪڍڻ. اياز لطيف پليجي چيو تہ پڪ اٿم تہ ٽن چئن سالن ۾ پاڻ سڀ گڏجي، ھٿ ھٿ ڪري، بيپناھ تحرڪ، سچائي ۽ محنت سان ھڪ نئين ۽ نرالي سنڌ ضرور جوڙي وٺنداسون اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد ۽ نوجوان قومي حقن جي جدوجھد کان لاتعلق ٿيڻ بدران ان ۾ شامل ٿين. جدوجھد کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي. نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين. ميرٽ سان مقابلو ڪن. اعلي تعليم ۽ روزگار لاءِ ٻين ملڪن ڏانھن وڃن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سياست، ادب، تاريخ،علم، سائنس کان ڪٽيل رهنداسين تہ رڳو ھڪٻئي کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏينداسون حڪمرانن گھٽ ٻوسٽ، بدامني، دھشتگردي، منشيات ۽ انتهاپسندي جو ماحول جوڙي ماڻھن کي قيدي بنائي ڇڏيو آھي. حڪمران چاھين ٿا تہ نوجوان سياست، ادب کان پري ھجن، خوف ۾ ھجن، ڀلي خودڪشيون ڪن، دٻيل ۽ ھيسيل ھجن، ڳالھائين نہ، مقابلو نہ ڪن، رستن تي نہ اچن.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسڪالرشپس حاصل ڪن. نوڪرين لاء ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران ھنرمند ٿين. پنھنجو روزگار قائم ڪن. ٻين ملڪن ڏانھن روزگار لاءِ وڃن. ڪاميابيون مقابلا ڪرڻ وارن جا قدم چمنديون آھن. ايندڙ وقت اڃا وڌيڪ مشڪل وارو ٿي سگھي ٿو. انڪري سنڌ جا ماڻھو ڳوٺن مان نڪري وڏن شھرن ۾ اچن. ڪراچي اچن. روزگار ڪن. ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ دبئي،جاپان،آمريڪا، برطانيا، جرمني سميت سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ماڻھو سنڌ ۾ ويٺل غريب سنڌي نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪيو.آئون اوھان سڀني کي صلاح ڏيندس تہ مختلف انڊر گريجوئيٽ، گريجوئيٽ، سيمسٽر ايڪسچينج، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊاڪٽريٽ ۽ ٻين تعليمي ڊگرين، ويزائن جي طريقي ڪار، اسڪالرشپس، اميگريشن ۽ روزگار جي موقعن بابت ننڍيون ٽن کان اٺن منٽن جون ويڊيوز ٺاھي، اھي اوھان پنھنجن اباڻن ضلعن ۽ آس پاس جي سمورن تعلقن ۽ ڳوٺن جي ھر شاگرد تائين پھچايو ۽ يوٽيوب تي رکو، اخبارن، رسالن، ولاگز، بلاگز ۽ فيسبڪ ذريعي ننڍڙا معلوماتي آرٽيڪلز لکو.