ٺتي ۾ صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي کلي ڪچھري منعقد

ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ الطاف حسين لغاري ضلعي اڪائونٽس آفيس ۾ کلي ڪچهري ڪئي

ٺتي ۾ صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي کلي ڪچھري منعقد

ٺٽو(شفيق ڀٽي) صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ الطاف حسين لغاري ضلعي اڪائونٽس آفيس ٺٽي ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي، جتي سرڪاري ملازمن، رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌا ويا ۽ انهن جي ترت ۽ قانوني حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون کليل ڪچهري ۾ ضلعي اڪائونٽس آفيسر ياسر علي چنا، ايڊيشنل ضلعي اڪائونٽس آفيسر عثمان خالد، ايڊيشنل ضلعي اڪائونٽس آفيسر ياسمين دلو، اڪائونٽنٽ اعجاز راهپوٽو، شاهد جمالي، آل سنڌ ٽريزري ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب، گل محمد مري، عمران جمالي سميت مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، فوڪل پرسنز، سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن شرڪت ڪئي کليل ڪچهري دوران شرڪت ڪندڙن پگهارن، پينشن ۽ ٽريزري سان لاڳاپيل درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ الطاف حسين لغاري هر درخواستگذار جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سڀني جائز شڪايتن جو قانون موجب ترت ازالو يقيني بڻايو وڃي، جيئن متاثر ماڻهن کي بروقت رليف فراهم ٿي سگهي ان موقعي تي خطاب ڪندي الطاف حسين لغاري چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي ڪنهن به کاتي خلاف ڪنهن شهري، سرڪاري ملازم يا پينشنر کي ڪا جائز شڪايت هجي ته هو بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي درخواست محتسبِ اعليٰ ٺٽي جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، جيئن ان جي حل لاءِ ترت ۽ مؤثر قانوني قدم کنيا وڃن هن چيو ته صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ جو ادارو عوام کي بنا دير ۽ بنا ڪنهن فيس جي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ جو مقصد سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ عام شهرين جا مسئلا سندن در تي وڃي ٻڌڻ ۽ انهن جو جلد کان جلد حل يقيني بڻائڻ آهي ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر ياسر علي چنا چيو ته ضلعي اڪائونٽس آفيس سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي هن ٻڌايو ته MPG سسٽم ذريعي سرڪاري ملازمن جون پگهارون سڌو سنئون سندن بئنڪ اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيون پيون وڃن، جنهن سان شفافيت سان گڏ ملازمن کي سهولت پڻ فراهم ٿي رهي آهي.