ٺٽي ۾ پ پ پاران مرسون مرسون سنڌو نھ ڏيسون جي نعري ھيٺ ريلي ڪڍي وئي

امتياز احمد قريشي، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، عبدالحميد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽي ۾ پ پ پاران مرسون مرسون سنڌو نھ ڏيسون جي نعري ھيٺ ريلي ڪڍي وئي

ٺٺو(شفيق ڀٽي)پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ٺٽو ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ آبي دهشتگردي خلاف "مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون" جي عنوان هيٺ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . ريلي جي اڳواڻي پ پ پ ضلع ٺٺو جي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي ؛ اڳوڻو ايم اين اي ٺٽو ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ تعلقي صدر عبدالحميد سومرو ڪئي.ريلي ۾ تعلقي جي ، مختلف يونين ڪائونسلن جي عهديدارن، چونڊيل نمائندن، ڪارڪنن، نوجوانن، ۽ هارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ ۽ سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد بابت نعرا لکيل هئا. مظاهرين "مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون" سميت مختلف نعرا هڻي سنڌ جي پاڻي جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي پ پ پ ضلع جي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي ۽ تعلقي صدر عبدالحميد سومرو خطاب ڪندي چيو ته درياء سنڌ، سنڌ جي ماڻهن جي زندگي، زراعت ۽ معيشت جو بنياد آهي، ان جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي زيادتي يا قبضي کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر فورم تي سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪندي رهندي ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي.هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آهي، جنهن خلاف وفاقي حڪومت کي اثرائتا سفارتي قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي درياء جي حفاظت لاءِ متحد آهن ۽ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. پ پ اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته درياهه سنڌ رڳو پاڻي جو ذريعو نه پر سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قيادت جي هدايتن موجب سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي ۽ پاڻي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي.۔ريلي ۾ تعلقي جنرل سيڪريٽري منور علي ھيلايو ؛ سٽي صدر عبدالعزيز پکيڙو ؛ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٺي جي ميمبر حسنين حميد سومرو , ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر غلام نبي ٻٻر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪیو ان موقعي تي ڀورو سرڪي ،غلام شبیر سمون ؛ غلام حيدر سمون ؛ سھيل پليجو ؛ شيراز کتري ؛رئيس شاهنواز مگسي ،پپو قاضي ،گلان چانگ ؛ غلام حيدر خاصخيلي ؛ ظفر لاسي ؛ اصغر جبلي, بابو غلام مصطفي جوکيو،سھيل پليجو ،مظھر علي ميمڻ ،اظهر جاکرو ،شاھنواز ڪنڀار ،۽ ٻيا پڻ موجود ھئا