ملاقات ۾ خيرپور ضلعي جي صحافين جي چورين ۽ ڦرن جي واپسي توڙي بدامني جي خاتمي بابت ڳالهيون
ھڱورجا(رپورٽر)خيرپور صحافي اتحاد جي وفد جي ايس ايس پي خيرپور سان ملاقات ۔ خيرپور ضلعي جي صحافين جي چورين ڦرن جي واپسي لاء ڳالھيون .ايس ايس پي خيرپور صحافين جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي .تفصيل موجب خيرپور صحافي اتحاد جي ھڪ وفد چيئرمين غلام حسين چانگ ، صدر جمال محمود کهڙو ، صوفي ياسين راڄپر ، خادم جوڻيجو ، زاهد ميتلو ، وسيم عباس منهاس جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سان سندس آفيس م ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خيرپور ضلعي ۾ صحافين جون ٿيل چورين ڦرن جي واپسي بابت ايس ايس پي خيرپور کي آگاھي ڏني وئي جنهن تي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي صحافين جي وفد کي يقين ڏياريو ته صحافين جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ايس ايس پي خيرپور وڌيڪ چيو ت خيرپور ضلعي ۾ امن امن جي صورتحال بھتر آھي ڏوھارين سان ڪاب رعايت ن ٿيندي . منشيات جي خلاف آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ صحافين جون ٿيل چوريون واپس ڪرايون وينديون . ھن ٻڌايوت جلد تعلقي سطح تي کليل ڪچھريون ڪيون وينديون
0 تبصرے