English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام
287 views
|
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سيد سجاد علي شاهه، طارق جان سهتو، غلام نبي مگسي، شمس جويو، شهنشاهه چارڻ، سامي ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ساڃاهه وندن، صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي اسٽڊي سرڪل ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه، جنرل سيڪريٽري طارق جان سهتو، سنڌ سماجي سٿ جي چيئرمين غلام نبي مگسي، شمس جويو، صحافي شهنشاهه چارڻ، سامي ميمڻ، ايم زمان جوکيو، جمشيد زهراڻي، ساقي ارشاد لورڙ، اصغر ميمڻ، سليمان شاهه، عنايت شاهه، مشتاق گبول سميت ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي نامياري ليکڪ امر جليل جي مشهور ڪهاڻي اروڙ جو مست پڙهي وئي، جنهن تي شرڪت ڪندڙن تفصيلي بحث ۽ ويچار ونڊياان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عوامي پريس ڪلب ملير سيد سجاد علي شاهه چيو ته اهڙيون ادبي ۽ علمي ويهڪون سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن، جن ذريعي نوجوان نسل کي ادب ۽ تاريخ سان جوڙي سگهجي ٿو جنرل سيڪريٽري طارق جان سهتو چيو ته امر جليل جي لکڻين ۾ سماجي حقيقتن جي عڪاسي ملي ٿي، جيڪا اسان کي پنهنجي معاشري تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي سنڌ سماجي سٿ جي غلام نبي مگسي پنهنجي موقف ۾ چيو ته ادب صرف وندر نه پر سماج جي سڌاري جو اهم ذريعو آهي، اهڙين ويهڪن وسيلي ماڻهن ۾ شعور، سچائي ۽ سماجي ذميواري جو احساس وڌي ٿو سامي ميمڻ چيو ته نوجوانن کي خاص طور تي اهڙين علمي ۽ ادبي سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جيئن هو مثبت سوچ ۽ تحقيق جي راهه اختيار ڪري سگهن ٻين اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير جي علمي ڪم جي واکاڻ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ادبي سرگرمين کي تسلسل سان جاري رکڻ گهرجي ته جيئن معاشري ۾ شعور ۽ سجاڳي وڌي سگهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Jul 2026
•
پاکستان
ایران کے وزیر داخلہ کا اسلام آباد کا دورہ
20th Jul 2026
•
تازہ ترین
وزیراعظم کی ریلوے منصوبوں کو مقررہ مدت میں مکمل کرنے کی ہدایت
20th Jul 2026
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کا ”مرسون مرسون، سندھُو نہ دیسون“ تحریک کا دوسرا مرحلہ شروع کرنے کا اعلان
20th Jul 2026
•
دنیا
نئی دہلی میں احتجاج شدت اختیار کر گیا، پولیس اور بھارتیہ جنتا پارٹی کے کارکنوں میں جھڑپیں
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ضلعي ۾ ھڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين جي ڀرتي لاءِ ورتل انٽرويوز بدنظمي جو شڪار
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
دفاعِ پاڪستان ونگ جي چيئرمين سيدسعيد حسين شاهه الطاف شيرازي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري پوليس جي ڪارروائي، منشيات ھٿ
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: 3 ورهين جي ڪلثوم جو قتل، چاچي ۽ سندس ڀاءُ گرفتار، قتل جو اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي
سيد سجاد علي شاهه، طارق جان سهتو
0 تبصرے