ملير: 3 ورهين جي ڪلثوم جو قتل، چاچي ۽ سندس ڀاءُ گرفتار، قتل جو اعتراف

ملير: 3 ورهين جي ڪلثوم جو قتل، چاچي ۽ سندس ڀاءُ گرفتار، قتل جو اعتراف

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير پوليس ٽن ورهين جي معصوم نياڻي ڪلثوم جي قتل ڪيس جو معمو حل ڪندي مقتولا جي سڳي چاچي سڪينه زال شهزاد ۽ سندس ڀاءُ نادر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو، ايس پي ملير انويسٽيگيشن، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او قائدآباد سان گڏ ايس ايس پي آفيس ملير آفيس۾ پريس ڪانفرنس سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته معصوم نياڻي ڪلثوم 23 جون تي پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، جنهن کان پوءِ سندس لاش گهر جي مرڪزي گيٽ اندر اٽي جي ٻوري ۾ پيل حالت ۾ هٿ آيو هو. واقعي کان پوءِ پوليس جديد سائنسي بنيادن تي جاچ شروع ڪئي ۽ علائقي واسين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي سندن ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا ويا.هن ٻڌايو ته ڊي اين اي ٽيسٽن دوران نياڻي سان ڪنهن به قسم جي زيادتي جا ثبوت سامهون نه آيا. جاچ جي دائري کي وڌائيندي پوليس مقتولا جي سڳي چاچي سڪينه ۽ سندس ڀاءُ نادر کي گرفتار ڪيو، جن جاچ دوران قتل جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار عورت سڪينه قتل کان پوءِ لاش کي پنهنجي ڪمري ۾ لڪائي رکيو ۽ بعد ۾ اٽي جي ٻوري ۾ وجهي پنهنجي ڀاءُ نادر جي مدد سان مقتولا جي گهر جي مرڪزي دروازي اندر رکي فرار ٿي وئي. ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادي موجب علائقي واسين جي موجودگي ۽ خوف سبب جوابدار لاش کي پري منتقل نه ڪري سگهيا، جنهن ڪري هو ان کي گهر جي گيٽ اندر ئي ڇڏي ويا. ابتدائي جاچ موجب هي افسوسناڪ واقعو گهريلو اڻبڻت جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار نادر جو اڳ به ڏوهاري رڪارڊ موجود آهي. سندس چوڻ هو ته مقتولا جي وارثن جاچ دوران پوليس سان مڪمل سهڪار نه ڪيو، جيڪڏهن مڪمل تعاون ڪيو وڃي ها ته جوابدارن کي گهڻو اڳ گرفتار ڪري سگهجي ها.پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.