ملير: آدم جي انجنيئرنگ پاور آف ورڪرز ايمپلائيز يونين جي جنرل باڊي جو اجلاس

جنرل باڊي اجلاس نائب صدر آصف جي صدارت ۾ ٿيو، ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

ملير: آدم جي انجنيئرنگ پاور آف ورڪرز ايمپلائيز يونين جي جنرل باڊي جو اجلاس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آدم جي انجنيئرنگ پاور آف ورڪرز ايمپلائيز يونين جو جنرل باڊي اجلاس نائب صدر آصف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ يونين جي خاص دعوت تي مزدور محاذِ عمل جي متحرڪ اڳواڻن شاهد علي خان ۽ معشوق علي شرڪت ڪئي۔ هنن پنهنجي جدوجهد جي تجربن، مزدور تحريڪ ۾ رڪاوٽن ۽ موجوده حالتن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ، اجلاس دوران مزدورن جي حقن جي تحفظ، تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، ميمبرشپ وڌائڻ ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت سنجيده، بامقصد ڳالهيون ڪيون ويون۔ مقررن زور ڏنو ته موجوده حالتن ۾ مزدورن جو اتحاد، شعور ۽ منظم جدوجهد ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي۔مقررن جو چوڻ هو ته مزدورن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ يونين کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته مزدورن جي قانوني حقن جي حصول لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي۔اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو اعادو ڪيو ويو ته مزدورن جي حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن قانوني، تنظيمي ۽ جدوجهد تي ٻڌل قدم جاري رکيا ويندا۔