ڏوڪري (رپورٽر)انڊونيشيا ۽ سوئيزرلينڊ جو پرڏيهي وفد قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتو.ان موقعي تي هنن اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ۾ تهذيبي ۽ تاريخي آثارن جو جائزو ورتو.وفد ميوزيم به گهمي ڏٺو،انڊونيشيا ۽ سوئيزرلينڊ جي وفد کي انچارج موهن جو دڙو احسان عباسي ويلڪم ڪيو.ان موقعي تي انڊونيشيا ۽ سوئيزرلينڊ جي وفد جو چوڻ هو تہ قديم تهذيب موهن جو دڙو هڪ تاريخي جاء آھي جتي اچي ڪري بيحد خوشي محسوس ڪيون ٿا.هنن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جي ماڻھن کي چونداسين پاڪستان وڃي ڪري تاريخي ماڳ موهن جو دڙو ضرور ڏسي اچو.هنن چيو تہ هتي اچي کين اهو محسوس ٿيو تہ هتان جي قديم ماڻهن بهترين اسٽڪچر ٺاهيا ۽ شهر جو ڊرينيج نظام جوڙيو جيڪو سڌريل ملڪن کان 5 هزار سال پهريون تعمير ٿيو هو.جنهن تي اڄ دنيا فخر ڪري ٿي.انڊونيشيا ۽ سوئيزرلينڊ وفد کي موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ تفصيلي بريفنگ ڏني.پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے