ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، هٿيار، چوري ٿيل ڍڳيون ۽ گاڏيون هٿ

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، هٿيار، چوري ٿيل ڍڳيون ۽ گاڏيون هٿ

ٺٽو (ڊ ر)ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي حڪمن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي هدايتن تي ٺٽو پوليس ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪندي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.تفصيل موجب 24 جنوري 2026 تي ٿاڻي مڪلي جي حد وليج ولي داد جوکيو مان علي دوست جوکيو جي گهر مان نامعلوم جوابدار سوزوڪي پڪ اپ ذريعي ڳئون چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، جنهن بابت مقدمہ نمبر 33/2026 دفعا 457، 380 تعزيرات پاڪستان تحت داخل ڪيو ويو هو.ايس ايڇ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر الله وسايو نوھڙي اسٽاف سان گڏ ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ ملوث جوابدار پيار علي ملاح ۽ رياض جوکيو کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي نشاندهي تي 2 لک 50 هزار روپين ماليت جي ڳئون، 2 پسٽل، سوزوڪي پڪ اپ ۽ موبائل فون برآمد ڪيا ويا.ان کانسواءِ مڪلي پوليس مختلف علائقن مان ڪارروايون ڪندي 8 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون برآمد ڪيون آهن، جن جي تصديق جو عمل جاري آهي.پوليس موجب جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ سندن ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي.