قيدين کي مهيا ڪيل سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ انساني وقار موجب سهولتون فراهم ڪيون وڃن: علي حسن زرداري
ٺٽو(ڊ ر)صوبائي وزير جيل خانہ جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز سنڌ علي حسن زرداري ضلعي جيل ٺٽو جو تفصيلي دورو ڪيو. دوري دوران هن جيل جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ قيدين کي مهيا ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو.صوبائي وزير بيرڪن، ڪچن، اسپتال وارڊ ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪندي صفائي، کاڌ خوراڪ ۽ طبي سهولتن جو جائزو ورتو. هن جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته قيدين کي مهيا ڪيل سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ انساني وقار موجب سهولتون فراهم ڪيون وڃن.علي حسن زرداري جيل ۾ موجود قيدين سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا پاڻ ٻڌا. قيدين پنهنجن ڪيسن، قانوني معاملن ۽ ٻين مسئلن بابت صوبائي وزير کي آگاهه ڪيو. صوبائي وزير قيدين جي شڪايتن تي فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ته مسئلن جو حل ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي.ان موقعي تي صوبائي وزير خاص طور تي انهن قيدين بابت ڄاڻ حاصل ڪئي جن وٽ پنهنجن مقدمن جي پيروي لاءِ ڪو به وڪيل موجود نه هو. هن واضع هدايتون ڏنيون ته اهڙن سڀني قيدين کي سرڪاري سطح تي قانوني مدد فراهم ڪئي وڃي ۽ انهن لاءِ وڪيل مقرر ڪيا وڃن، جيئن کين بروقت ۽ منصفاڻو انصاف ملي سگهي.صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته قيدي به رياست جا شهري آهن ۽ کين آئين ۽ قانون تحت مڪمل حق حاصل آهن. سنڌ حڪومت قيدين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ته جيئن کين بهتر ماحول ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته جيل سڌارا حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن ۽ قيدين جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيلن ۾ شفاف نظام جي قيام، بدعنواني جي خاتمي ۽ قيدين جي مسئلن جي فوري حل لاءِ سخت مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. صوبائي وزير جيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو قيدين سان حسن سلوڪ کي يقيني بڻائن ۽ سندن شڪايتن تي ترت ڪارروائي ڪن.دوري دوران جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ ٻين عملدارن صوبائي وزير کي جيل جي مجموعي صورتحال، قيدين جي انگ، مقدمن جي نوعيت ۽ جاري سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ بهتري لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون.آخر ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت قيدين جي حقن جي تحفظ ۽ کين قانوني سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي، جيئن انصاف جي فراهمي جو عمل وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ان موقعي تي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور پڻ موجود ھو
0 تبصرے