ڪراچي ! باه، لاشن ۽ سياست جي وچ ۾ ڦاٿل شهر

شمشاد ٻپڙ

ڪراچي ! باه، لاشن ۽ سياست جي وچ ۾ ڦاٿل شهر

ڪراچي جو گل پلازا سڙي مٽي جو ڍير بڻجي چڪو آھي،خبرن مطابق 70 کان وڌيڪ لاشن جا سڙيل عضوا ھٿ ڪيا وياآھن،جڏھن ته 86 ڄڻا لا پتا ھئا، ڪروڙين رپيا روزانا آمدني ڏيندڙ گل پلازا ھن وقت وفاقي سياست توڙي ايم ڪيو ايم ۽ بلڊر مافيا جي پڻ نشاني تي آھي گل پلازا جي عمارت ۾ لڳل باھ جي حوالي سان اکين ڏٺن شاھدن بي خوف ٿي چيو آھي تھ باھ تمام تيزي سان پکڙي اينئن لڳو ڄڻ ڪو ڪيميڪل استعمال ڪيو ويوھجي،جيڪڏھن ٽيڪينڪل حوالي سان ڏسجي تھ باھ لڳڻ سبب ھميشھ عمارتون سڙي وڃڻ باوجود انھن جا بناوتي ڍانچا بچي ويندا آھن پر گل پلازا جي عاليشان ۽ مضبوط عمارت ڏسندي ئي ڏسندي مٽي جو ڍير بڻجي وئي باھ جي پھرين ڏينھن کان وٺي ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي توڙي ن ليگ يعني وفاقي سرڪار جي ٻولي ھڪ پيج تي ھجڻ واري لڳي جنھن مان چٽو چئي سگھجي ٿو تھ گل پلازا ۾ لڳل باھ پاڻ نہ لڳي پر سياست ۾ سازش ڪندڙن لڳائي تہ جينئن بلديا سانحي جي ياد تازي ڪجي ان سان گڏوگڏ ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جا نعرا ھڻجن ۽ ٽيون شڪار گل پلازا جي اربين رپين جي پراپرٽي کي تين وال ڪجي،جيڪڏھن ڏسجي ته دنيا اندر باھ جا لڳڻ جا واقعا ٿيندا رھيا آھن سڌريل ملڪ باھ کي وسائڻ ۽ اتي نئين سر شھر اڏڻ طرف وڌندا آھن پر اسان جي ملڪ ۾ باھ لڳائي شھر تباھ ڪري ماڻھو ماري شھرن علائقن ۽ عمارتن تي يا ته قبضا ٿيندا آھن يا وري ڪراچي جھڙي شھر کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ٿينديون آھن،دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران لڳل وڏين باھين اهو ثابت ڪيو آهي ته انساني جان کان وڌيڪ سستو ڪجهه به ناهي سمجهيو ويندو، خاص ڪري جڏهن رياستون حفاظتي ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون.2017ع ۾ برطانيا جي راڄڌاني لنڊن ۾ گرينفيل ٽاور کي لڳل باھ جديد دنيا لاءِ هڪ وڏو سوال بڻي هن حادثي ۾ 72 ماڻهو فوت ٿيا،جڏهن ته مالي نقصان جو اندازو هزارين ملين پائونڊ لڳايو ويو.2019ع ۾ فرانس جي تاريخي ورثي نوٽرڊيم گرجا گهر (پيرس) ۾ لڳل باھ صرف هڪ عمارت جي تباهي نه هئي، پر يورپي تاريخ ۽ ثقافت کي لڳل ڌڪ هو.خوشقسمتي سان جاني نقصان نه ٿيو، پر مالي نقصان اربين يوروز ۾ ٿيو،آمريڪا ۾ 2020ع کان 2023ع تائين ڪيليفورنيا ۾ لڳندڙ ٻيلن ۽ شھري باھين هزارين گهر ساڙي ڇڏيا. صرف 2020ع ۾ باھين سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ مالي نقصان 20 بلين ڊالرن کان وڌيڪ ٿيو. لکين ماڻهو عارضي ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا.ايشيا ۾ صورتحال وڌيڪ خطرناڪ رهي آهي.2012ع ۾ پاڪستان جي شهر ڪراچي جي بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ لڳل باھ ۾ 258 مزدور زندگيون وڃائي ويٺا.اها پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي صنعتي باھ هئي، جتي دروازا بند، فائر الارم غير فعال ۽ انتظام مڪمل طور ناڪام هو. مالي نقصان کان وڌيڪ، انساني الميو اڄ به قومي ضمير لاءِ سوال آهي.2022ع ۾ بنگلاديش جي چٽاگانگ ۾ ڪنٽينر ڊپو ۾ لڳل باھ ۽ ڌماڪي ۾ 49 ماڻهو فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اربين ٽڪا ماليت جو سامان تباهه ٿيو، جنهن سان ملڪ جي واپار کي وڏو نقصان پهتو،وچ اوڀر ۾ جديد ترين شھر دبئي به محفوظ نه رهي سگهيو.2015ع ۽ 2017ع ۾ اوچي عمارتن ۾ لڳل باھ سبب وڏو مالي نقصان ٿيو، پر سخت قانونن سبب جاني نقصان محدود رهيو،آفريڪا ۾2018ع ۾ ڪينيا جي شهر نيروبي جي هڪ وڏي مارڪيٽ ۾ لڳل باھ هزارين دڪاندارن کي بي روزگار ڪري ڇڏيو،جاني نقصان گهٽ هو،پر معاشي نقصان لکين ڊالرن ۾ ٿيو، جنهن جو ازالو اڄ تائين نه ٿي سگهيو. اهي سمورا واقعا هٿراڌو ھجن يا فطري سانحا ھجن پر ڪٿي انھن شھر عمارتن جا علائقن جي جاگرافيائي حدن کي ڌار ڪرڻ جھڙا بيان سامھون نه ايندا آھن پر متاثر شھرن جي مدد ۽ انھن تي افسوس ڪيو ويندو آھي پر اسان وڏو الميو اھو آھي جو ھر وانگر مڇ سنڌ جي ھر شھر ۽ علائقي کي ڳڙڪائڻ جا خواب ڏسي ٿو،اھا ھڪ الڳ ڳالھ آھي تہ ڪراچي جيڪو ملڪي معيشت جي شھ رڳ سمجهيو وڃي ٿو،سو پ پ سرڪار ھوندي اڄ به لاوارث آهي. هتي جڏهن به ڪا باھ لڳي ٿي، ڪا عمارت ڪري پوي ٿي يا ڪو سانحو جنم وٺي ٿو، ته صرف دونهون ۽ لاش جا انبار نھ ٿا لڳن پر اسان جي حڪمراني، سياست ۽ نظام جي بي حسي به ننگي ٿي سامهون اچي ويندي آهي. تازو گل پلازه کي لڳل باھ اهڙي ئي هڪ ياد ڏياريندڙ سانحو هو، جنهن ڪراچيءَ جي زخمن کي ٻيهر تازو ڪري ڇڏيو،گل پلازه ۾ باھ ڪا قدرتي آفت نه هئي، بلڪه اها مافيائي ڪرپشن ۽ سياسي سرپرستي جو نتيجو هئي. فائر سيفٽي جا انتظام نه هئڻ، ايمرجنسي دروازن جو بند هجڻ، غير قانوني تعمير ۽ بلڊنگ ڪنٽرول جي اک ٻوٽي ويهڻ اهي سڀ حقيقتون نيون ناهن. اهڙا منظر اسان اڳ به ڏسي چڪا آهيون،پر گل پلازا سانحي تي جھڙي نموني سياست جا سھولتڪار ٻاھر نڪري آيا اينئن لڳو ڄڻ ڪراچي ڪو ڪيڪ جو ٽڪرو ھجي جنھن کي کائڻ لاءِ وفاق توڙي ماضي ۾ ٻوري بند لاش ڏيندڙ سياستدان ڏند ڪرٽيندا اچي پھتا ۽ پھريان بيان ھن ھيڏي سانحي تي افسوس ارمان ۽ گل پلازا ۾ ڦاثل ماڻھن جي بچائڻ لاءِ نھ ھئا نئين ايم ڪيو ايم جي چڱي مڙس مصطفي ڪمال چيو 18 ترميم ختم ڪري ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو وري ن ليگ اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو تھ 18 ترميم بيڪار ثابت ٿي آھي ملڪ ۾ مقامي نظام آڻجي صوبن کي ڏنل اختيار وفاق جو نقصان آھن اھڙا بيان ظاھر ڪن ٿا تھ نھ ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اسٽيبليشمنٽ جي آشيرواد سان گل پلازا سانحي کي بنياد بڻائي ڪراچي کي پنھنجي وس ۾ ڪرڻ چاھين ٿا پر کين خبر ھجي تھ ڪراچي ھاڻي وارثن جي ھٿن ۾ آھي ڀلي پ پ وفاق يا ايم ڪيو سان اتحاد ڪري ڪراچي لاءِ ڪو وڏو فيصلو ڪري پر سنڌ جو شعور ۽ تاريخي حقيقتون سنڌ جا ٽڪرا ٿيڻ ڪڏھن بھ نھ چاھينديون،وفاق توڙي ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ۽ مقامي نظام آڻڻ جي ڳالھ تڏھن ڪري رھيون آھن جڏھن بلدياتي چونڊون پڻ اچي ويجھو ٿيون آھن اصل ۾ وفاق توڙي تعصب پرست اڳوڻي دھشتگرد تنطيم جي پراڻي ڪارڪنن کي ڪراچي ۾ اختيارات ملڪيتون زمين ۽ ڀتو گھرجي جيڪو ھنن جي بيانن مان واضع آھي گل پازا سانحي جا متاثر پنھنجن پيارن لاءِ بي حال آھن ۽ نفرت جي سياست ڪندڙ افسوس ڪرن بجاءِ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا راڳ آلاپي رھيا آھن جيڪڏھن ڏسجي تھ گل پلازا جي زمين جا سودا ليز ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي دور ۾ ٿيا آھن سوشل ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ سڙي ويل گل پلازا جي پلاٽ جي ليز بابت شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آھن، شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گل پلازا جي زمين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ملڪيت هئي، جيڪا 1883ع ۾ ٽرام سروس لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي 99 سالن جي ليز تي ڏني وئي، ليز ختم ٿيڻ کان هڪ مهينو اڳ زمين جيڪا گروپ خريد ڪئي، زمين جو کاتو جماعت اسلامي جي ميئر عبدالستار افغاني جي دور ۾ تبديل ٿيو، ليز ختم ٿيڻ باوجود عبدالستار افغاني جي دور ۾ ئي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو،گل پلازا جي عمارت بنا ليز جي لڳاتار ستن سالن تائين تعمير ٿيندي رهي، بعد ۾ زمين ايم ڪيو ايم جي ميئر فاروق ستار جي دور ۾ ليز تي ڏني وئي،3 نومبر 1991ع تي زمين فاروق ستار جي صحيح سان گل پلازا لاءِ الاٽ ڪئي وئي، 1991ع ۾ فاروق ستار زمين جي باضابطه ليز جاري ڪئي، 2003ع ۾ جماعت اسلامي جي ميئر نعمت الله گل پلازا جا اضافي فلور ريگولرائيز ڪرڻ جي منظوري ڏني اھا الڳ ڳالھ آھي تھ پ پ سرڪار اھڙن وارداتن تي يا تھ خاموش رھندي آھي يا ڀاڱي ڀائيوار رھندي آھي،گل پلازا سميت سنڌ سرڪار ڪنھن بھ عمارت جي حفاظت لاءِ ڪوئي قدم ناھي کنيو.شروعاتي جانچ مطابق گل پلازا ۾ باهه مصنوعي گلن جي دڪان ۾ لڳي، امڪان آهي ته ٻار دڪان اندر ماچيس يا لائٽر سان کيڏي رهيا هئا، شروعاتي طور باهه دڪان ۾ موجود سامان کي لڳي، جيڪا بجلي جي تارن ذريعي ڦهلجي وئي، باهه شارٽ سرڪٽ سبب ناهي لڳي، باهه لڳندي ئي عمارت ۾ موجود ماڻهو خارجي رستن ڏانهن ڀڳا، جڏهن ته عمارت جا دروازا بند هئڻ سبب ڀاڄ پئجي وئي ۽ عمارت ۾ اڪثر دڪان کليل هئا، عمارت جي ڇت ڏانهن ويندڙ رستي تي به گرل لڳل هئي، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ لڳل سي سي ٽي وي سسٽم پڻ مڪمل طور متاثر ٿي ويو. ان ھوندي سنڌ سرڪار توڙي جو گل پلازا کي لڳل باھ جي ڪيميڪل يا ٻئي سبب جي چانچ ڪري رھي آھي پر اڄ تائين اھڙي سانحن جي ڪائي بھ جانچ ملوث ھٿن کي سزا نھ ڏياري سگھي آھي،مثالطور ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ سانحي کي سياسي ڏوهن جي علامت سمجهيو وڃي ته اهو بلديا ٽائون فيڪٽري سانحو آهي، جتي سوين مزدور زنده سڙي ويا. فيڪٽري جا دروازا بند هئا، حفاظتي انتظام صفر هئا، ۽ حڪمران خاموش هئا. ان سانحي کان پوءِ به وڏيون ڳالهيون ٿيون، ڪميٽيون ٺهيون، تقريرون ڪيون ويون، پر نتيجو؟ اڄ به ڪراچيءَ جون عمارتون، ڪارخانا ۽ پلازا موت جا کڏا بڻيل آهن.اها به بدقسمتي آهي ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ ماڻهو سڙي مرن ٿا، تڏهن به سياستدانن جا بحث مسئلن جي حل بدران اقتدار جي ورهاست تي مرڪوز هوندا آهن. اڄ هڪ طرف ايم ڪيو ايم الڳ صوبي جي ڳالهه ڪري ٿي، ته ٻي طرف پي ايم ايل (ن) ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا بيان ڏئي ٿي. سوال اهو آهي ته ڇا صوبي بدلجڻ سان گل پلازه ۾ فائر الارم لڳي ويندو؟ ڇا وفاق حوالي ڪرڻ سان بلديا جهڙا دروازا کلي ويندا؟ڪراچي کي سياسي نعرا نه، پر ذميوار حڪمراني گهرجي. افسوس جو مقام اهو آهي ته ڪراچي کي هميشه طاقت جي سياست ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. ڪڏهن شهري-ڳوٺاڻو ڪارڊ، ڪڏهن صوبي جو نعرو، ڪڏهن وفاقي ڪنٽرول ــ پر ڪڏهن به عام شهري جي زندگي کي مرڪز ۾ ناهي رکيو ويو.سياستدانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي ڪو زمين جو ٽڪرو نه، پر ڪروڙين انسانن جو گهر آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي شهري حقن جي نمائندگي ڪري ٿي ته ان کي باھ لڳندڙ عمارتن، غير قانوني پلازائن ۽ ڪرپٽ ادارن خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. جيڪڏهن پي ايم ايل (ن) کي ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جو خيال آهي ته پهريان اهو ٻڌائي ته وفاق ماضي ۾ ڪراچي کي ڪهڙو تحفظ ڏنو آهي؟حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ جو مسئلو انتظامي ڍانچي کان وڌيڪ اخلاقي بحران آهي. قانون موجود آهن، فائر سيفٽي جا ضابطا به لکيل آهن، پر انهن تي عمل ڪرائڻ وارو ڪو به طاقتور ناهي۽ جتي طاقت آهي، اتي مفاد آهي گل پلازه جي باھ کان پوءِ به جيڪڏهن اسان صرف بيانن، سياست ۽ الزامن تائين محدود رهياسين ته ايندڙ سانحو ڪنهن ٻي عمارت، ڪنهن ٻي فيڪٽري، ۽ ڪنهن ٻي گهٽي ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ کي نوان نعرا نه، پر نئون نظام، شفاف احتساب ۽ انساني جان جي حقيقي قدر جي ضرورت آهي،ملڪ جو معاشي حب ڪراچي باھ سان نه، پر بي حسي سان سڙي رهيو آهي. ۽ جيستائين سياستدان اقتدار جي راند کان مٿي نه ايندا، تيستائين گل پلازه جهڙا سانحا اسان جي تقدير لکندا رهندا،جنھن ڪري بلديا توڙي گل پلازا جھڙن سانحن جي ذميوارن کي عوام آڏو بي نقاب ڪري عبرت جو نشانو بڻايو وڃي تھ جينئن ڪراچي ۽ ملڪ بچي سگھي..