شڪارپور پوليس جي ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ صادق جيهو تي مبينا چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

پوليس اٽالن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري 25 کان وڌيڪ مينهون ڪاهي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي: ڳوٺاڻن جو مطالبو

شڪارپور پوليس جي ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ صادق جيهو تي مبينا چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پوليس جي ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ صادق جيهو تي چڙهائي 25 کان وڌيڪ مينهون پوليس ڪاهي وئي ڳوٺاڻن جو احتجاج مال واپس ڏياري انصاف ڪرڻ جو مطالبو شڪارپور جي ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ کير ٿر ڪئنال سان ڳوٺ صادق جيهو ۾ پوليس جي چڙھائي خلاف ڳوٺاڻن غلام قمبر جيهو ،عجيب جيهو ،غلام محمد جيهو، واجد جيهو ،ياسين جيھو ،دلڻ جيھو ۽ ٻين پاران پوليس جي چڙھائي خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آھي ته اسان ڏوهاري ناهيون ڪجهه سال اڳ برادري جا جهيڙا هئا جنهن کان پوءِ ڪيسن مان آزاد آهيون شڪارپور پوليس بلاجواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جون 25 کان وڌيڪ مينهون ڪاهي ڊاٽسن مزدا گاڏين تي چاڙهي کڻي وئي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس سان ٻٽ ٻڌل ماڻھون سان ھيا جن مينھون ڪاھيون آھن ھنن جو چوڻ ھيو تہ مال کي ڳڙھي ياسين لڳ ڪچي ۾ بروھين وٽ ڇڏيو ويو آھي ڊڪ تي بہ مال کي ناھين رکيو متاثرين جو چوڻ ھيو تہ اسان جو ڪوئي بہ ماڻھون ڏوھاري يار چور ناھين اسان مالوند ماڻھون آھيون لوفرائپ کان پري آھيون ھنن پاران آء جي سنڌ جاويد عالم اوڊو ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان ايس ايڇ او فوجداري اختر ابڙو ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين ھدايت الله نندواڻي پاران بلاجواز چڙھائي ڪري مينھون ڪاھي وڃڻ سبب گھر ڪئي آھي ته اسان جون کنيل مينهون واپس ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.