سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال، نون صوبن واري غير آئيني سازشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار
نوشھروفيروز(ڊ ر)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي آفيس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ جي برک اديب، دانشور، وڪيلن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي صدارت چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ وائيس چيئرمين خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي ، بخش علي لاکو، ولي محمد روشن ڀنڀرو، تاج محمد وساڻ، پيرل خان کوسو ، مسعود نوراني، امان الله شيخ نور محمد سيال حبيب الرحمان جسڪاڻي، صفيا لاکو، غلام حسين بلوچ، اسلم عباسي, محمد سليمان وساڻ سميت سگا جي اڳواڻن کان سواءِ ، دانشورن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال، خاص ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ صوبن جي قيام واري غير آئيني سازشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ان سازش کي پاڪستان جي سالميت لاءِ سازش تصور ڪري ٿو. گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته سنڌ هڪ تاريخي، جاگرافيائي ۽ سياسي طور مڪمل قومي وجود آهي. جنهن کي ورهائڻ جي ڪنهن به سوچ کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ قوتون اصل ۾ سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. سگا هميشه سنڌ جي حقن لاءِ پنهنجو علمي ۽ شعوري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄوڪي گڏجاڻي اها ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ بيدار آهي. اسان سنڌ ۾ رهندڙن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪن. اجلاس ۾ موجود سنڌ جي ساڃاهه وند شخصيتن چيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش جو شعوري ۽ سياسي بنيادن تي مقابلو ڪيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوامي شعور جي مهم هلائي ويندي. آخر ۾ هيٺيون قراردادون پاس ڪيون ويون، 1.سگا جو هي اجلاس سنڌ جي ورهاڱي يا وڌيڪ صوبن جي قيام واري ڪنهن به غير آئيني ۽ غير منطقي سوچ جي مڪمل طور مذمت ڪري ٿو.2.سنڌ تاريخي طور تي هڪ مڪمل قومي وجود آهي. هي اجلاس واضح ڪري ٿو ته سنڌ سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙڇاڙ سنڌ جي عوام لاءِ ناقابل قبول آهي ۽ اهڙي ڪنهن به سازش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي.3.هيءَ گڏجاڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪري ٿي ته ملڪي آئين جي روح مطابق صوبائي خودمختياريءَ کي يقيني بڻايو وڃي.4.18هين آئيني ترميم تي ان جي اصل شڪل ۾ عملدرآمد ڪندي صوبن جي اختيارن ۾ مداخلت بند ڪئي وڃي.5.هي اجلاس سمجهي ٿو ته نون صوبن جا نعرا عوام کي اصل مسئلن (غربت، تعليم ۽ صحت) تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لڳايا پيا وڃن، جنهن جي مذمت ڪئي وڃي ٿي.6. هي اجلاس سنڌ ۾ وڌندڙ غير قانوني ڌاري آبادڪاريءَ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿي، جيڪا سنڌ لاءِ هڪ خطرو آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي فوري طور نيڪالي ڏئي سنڌ جي ڊيموگرافي کي محفوظ بڻايو وڃي. 7. سنڌ جي وسيلن، خاص ڪري زمين، پاڻي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪئي وڃي. سگا پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ عوامي سطح تي شعوري مهم هلائي ويندي.
0 تبصرے