English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور جي سينئر صحافي رحمت الله سومرو جي پوٽي اي ايس آءِ جو ڪورس مڪمل ڪري ورتو
30 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو)شڪارپور جي سينيئر صحافي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر رحمت الله سومرو جو پوٽو صحافي عمران سومرو جو ڀائيٽيو معراج الدين سومرو شھدادپور پوليس ٽرينگ ڪاليج مان 9مھينن جو پروبيشنري اي ايس آء جو ڪورس مڪمل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي .تفصيل موجب: شڪارپور پي/اي ايس آءِ معراج الدين سومرو پوليس ٽريننگ ڪاليج شھدادپور ۾ نو مهينن تي مشتمل پروبيشنري اي ايس آءِ ڪورس ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي جنھن کان بعد شڪارپور پھچڻ سندس زبردست استقبال ڪيو ويو ۽ ڪيڪ ڪٽنگ جو پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو. ھي 185 شاندار پاسنگ آئوٽ تقريب 25 فيبروري 2026ع تي منعقد ٿي، جنهن ۾ مجموعي طور 78 آفيسرن ڪورس مڪمل ڪيو، جن ۾ 73 مرد ۽ 5 عورت آفيسر شامل هيون جن پوليس ٽريننگ ڪورس ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ آفيسرن جديد طرزِ عمل تحت پيشاورانه پوليس تربيت حاصل ڪئي پروبيشنر اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز بيچ نمبر 01-2025 جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي ڊي آءِ جي پوليس شھيد بينظير آباد رينج فيصل بشير جن بطور مهمان خاص شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايس ايس پي/پرنسپل پي ٽي سي شهيدادپور زاھده پروين سندس جو والهاڻو استقبال ڪيو. تقريب دوران زيرِ تربيت آفيسرن پنهنجي استادن خالد رندهاوا، شير جهان ۽ نديم بيگ جن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ شڪريو ادا ڪيو ھي تقريب نوجوان آفيسرن جي پيشاورانه زندگي جو اهم سنگِ ميل ثابت ٿي، جنهن ذريعي کين عوامي خدمت لاءِ گهربل مهارت ۽ عملي تربيت فراهم ڪئي وئي شڪارپور مان سينيئر صحافي رحمت الله سومرو ، صحافي عمران علي سومرو ۽ مير حسن سومرو (ڀاءُ) پڻ شهيدادپور ۾ ٿيل پروقار تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي ۽ معراج الدين سومرو کي سندس پوليس ٽريننگ ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي کيس سنڌي اجرڪ، گلن جا هار ۽ پڻ تحفا پيش ڪيا ويا بعد ۾ شڪارپور واپسي تي پي/اي ايس آءِ معراج الدين سومرو جو اهلِ خانہ طرفان پرجوش استقبال ڪيو ويو ۽ ان خوشيءَ جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته دوستن، عزيزن ۽ شهرين جي وڏي انگ سندس رهائشگاهه تي پهچي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن معراج الدين سومرو جي روشن مستقبل لاءِ دعائون ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي فرائض ايمانداري، محنت ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ۾ سرانجام ڏيندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور جي سينئر صحافي رحمت الله سومرو جي
پوٽي اي ايس آءِ جو ڪورس مڪمل ڪري ورتو
0 تبصرے