حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ پاران فل فراءِ ٿيل صدام لاشاري واري واقعي خلاف احتجاج

واقعي خلاف نسيم ننگر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو

حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ پاران فل فراءِ ٿيل صدام لاشاري واري واقعي خلاف احتجاج

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ٺل ۾ پوليس ھٿان نوجوان صدام لاشاري کي کنڀي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف نسيم ننگر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. احتجاج جي اڳواڻي دانش پرمار، ثقلين عباس، وھاب ڪنراڻي، صدام کوسو، طارق رند، عدنان بروھي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ھنن چيو تہ نوجوان صدام لاشاري جو قتل دھشتگردي جو واقعو آھي. قتل ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل ڪري ملوث ايس ايڇ او، پوليس اھلڪارن ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. واقعو انتھائي وڏي بربريت ۽ سفاڪي آھي. پوليس ۾ شامل ڪرپٽ عنصر سڄي کاتي کي بدنام ڪري رھيا آھن. ڪرپٽ آفيسر ۽ اھلڪار عوام کي انصاف ۽ تحفظ ڏيڻ بدران رشوت لاءِ خود قانون جون ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. اھڙن ڪرپٽ پوليس وارن جي ڪري سنڌ ۾ منشيات جو آزار آھن. زمينن تي قبضا آھن، نياڻيون ۽ نوجوان اغوا ٿي وڃن ٿا. انھن کي بيگناھ قتل ڪيو وڃي ٿو. اڳواڻن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته صدام لاشاري کي اغوا ڪري قتل ڪندڙ ايس ايچ او ۽ ٻين ملوث اھلڪارن کي برطرف ڪيو وڃي. جيستائين پوليس ۾ شامل ڏوھاري آفيسرن ۽ اھلڪارن خلاف سخت محڪماتي ڪارروائي نہ ٿيندي ان وقت تائين انصاف نه ٿي سگھندو. اڳواڻن چيو تہ صدام لاشاري جو قتل ھڪ فرد جو قتل ناھي، بلڪه ھڪ خاندان قتل ٿيو آھي. ماءُ ۽ پي جي جھولي خالي ٿي آھي. پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آھي، ان کي قاتل ۽ جلاد نہ بنايو وڃي.