ڏوڪري ۾ رمضان جو مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو

ڏوڪري ۾ رمضان جو مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني اچڻ کان اڳ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو، خلق پريشان، انتظاميا اگھور ننڊ ستل، مهانگائي هجڻ جي ڪري پورهيت طبقو فاقا ڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور، ڏوڪري انتظاميا واپارين خلاف ڪا به ڪارروائي ڪري نه سگهي، رمضان جي ڀلاري جي آمد کان اڳ ئي واپارين هڪ هٽي قائم ڪندي عام واهپي وارين شين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ڏوڪري ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب واپارين شين جا اگهه هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، عام واهپي جي شين سميت ڀاڄيون، فروٽ، گوشت، مڇي جا هٿرادو اگھ وڌائي ڇڏيا آهن، غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي، شهر ۾ گل گوبي 110، ڪريلا 150، ڀينڊيون 190، توريون 110، واڱڻ 60، بصر سڪا 70، بصر ساوا 60، بيھ 140، ٽماٽا 70 رپيا في ڪلو تي ورتا پيا وڃن، جڏهن ته فروٽ گولڊن صوف 600، صوف 400، نارنگي 150، ڪيلا 150، زيتون 150 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا، جڏهن ته مرغي 500 کان 550، وڏو گوشت 1200، وڏو گوشت اسپيشل 1800، ننڍو گوشت 2400 روپيا، مڇي 500 کان 800 روپيا ڪلو مهانگائي وڪرو ڪئي پئي وڃي. اهڙي ريت مهانگائي تي ضابطو نه اچڻ سبب غريب پورهيت طبقو پريشان ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، مهانگائي هجڻ جي ڪري غريب طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڏوڪري جي انتظاميا رڳو فوٽو سيشن ڪري رهي آهي، اگهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءِ نه ورتا ويا آهن، جنهن جي ڪري هتان جي واپارين ۽ دڪاندارن رمضان شريف جي اچڻ کان پهرين ڀاڄين، فروٽ، گيھ ۽ ٻين شين جا اگھ چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ غريب طبقو فاقا ڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي، ان ڏس ۾ هتان جي رهواسين چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رمضان شريف ۾ خاص پيڪيج ڏنا ويندا آهن پر هتي مسلمان ملڪ هجڻ جي باوجود هتان جي ماڻهن کي ڪو به رليف نه پيو ڏنو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي. هوڏانهن هتان جي سياسي اڳواڻ رڪ سنڌي، عابد علي، ريحان احمد چيو ته هتي قانون نالي ڪا به شي نظر نه ٿي اچي غريب مسڪين ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن ويتر مهانگائي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ڏوڪري تعلقي ۾ انتظاميا نالي ڪا به شيءَ ناهي نه ئي منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري رمضان ۾ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.