مڪلي شهر ۾ اوورهيڊ پل جو تعميراتي ڪم شروع

مڪلي شهر ۾ اوورهيڊ پل جو تعميراتي ڪم شروع

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) صوبائي وزير براءِ ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل خانہ جات سنڌ علي حسن زرداري جي خصوصي هدايتن تي مڪلي شهر ۾ اسڪولن جي ٻارن ۽ شهرين کي روڊ پار ڪرڻ دوران پيش ايندڙ خطرناڪ مسئلن جي حل لاءِ اوور هيڊ پل (اوور برج) جي تعمير جو ترقياتي ڪم باقاعدي طور تي شروع ڪيو ويو آهي۔ جاري ترقياتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور موقعي جو دورو ڪيو، جتي هن لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرن کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته تعميراتي ڪم کي تيزي سان ۽ بهتر معيار سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي جلد کان جلد سهولت فراهم ٿي سگهي۔ ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته ٺٽو ضلعي اندر تعليمي ادارن جي ڀرپاسي شاگردن جي حفاظت يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ هن چيو ته مڪلي شاهراهه تي ٽرئفڪ جو وڌندڙ دٻاءُ اسڪولن جي ٻارن، استادن، والدين ۽ عام شهرين لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو هو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اوور برج جو منصوبو انتهائي اهميت رکي ٿو۔ هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا عوامي ڀلائي وارن منصوبن جي مڪمل نگراني ڪندي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ صوبائي وزير علي حسن زرداري جون ساراھ جوڳو عمل آهي تفصيل موجب مڪلي جي مصروف شاهراهه تي روزانو وڏي انگ ۾ شاگرد، والدين ۽ شهري اچ وڃ ڪندا آهن، جتي تيز رفتار ٽرئفڪ سبب حادثن جو خدشو هميشه موجود رهندو هو۔ ان سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺندي صوبائي وزير فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، جنهن کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ فني سروي مڪمل ڪئي وئي ۽ هاڻي عملي طور تي تعميراتي سرگرميون جاري آهن۔ محڪمه ورڪس اينڊ سروسز جا انجنيئر ۽ لاڳاپيل عملو سائيٽ تي موجود رهي ڪم جي معيار ۽ رفتار جي نگراني ڪري رهيا آهن۔ منصوبي تحت جديد طرز جو پيادل ماڻهن لاءِ پل تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ مضبوط حفاظتي ريلنگ، جديد روشنيءَ جو انتظام، ڏاڪڻيون ۽ رئمپ شامل ڪيا پيا وڃن ته جيئن شاگردن، بزرگن، عورتن ۽ خاص ضرورتن وارن ماڻهن لاءِ روڊ پار ڪرڻ محفوظ ۽ آسان بڻائي سگهجي۔ ان موقعي تي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور چيو ته حڪومت سنڌ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن کي اوليت ڏئي رهي آهي ۽ تعليمي ادارن سان لاڳاپيل منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪم دوران استعمال ٿيندڙ مواد جو معيار بهتر رکيو وڃي ۽ منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ڪري عوام کي محفوظ سفري سهولت فراهم ڪئي وڃي۔ ٻئي طرف مقامي شهرين، والدين ۽ استادن اوور برج جي تعمير جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي منصوبو علائقي لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو۔ هنن چيو ته پل جي تعمير سان نه صرف اسڪولن جي ٻارن کي محفوظ رستو ملندو پر عام شهرين کي به وڏي سهولت حاصل ٿيندي ۽ ٽرئفڪ حادثن جي خطري ۾ نمايان گهٽتائي ايندي۔ عوامي حلقن اميد ظاهر ڪئي آهي ته جاري ترقياتي منصوبو جلد مڪمل ٿي مڪلي شهر لاءِ هڪ محفوظ ۽ پائيدار سهولت بڻجي سامهون ايندو۔