اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا

مذهبي تنظيمن پاران عمرڪوٽ، خيرپور، سجاول، مدئجي، پليجاڻي، فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا

اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا

سجاول/ عمرڪوٽ (رپورٽرز وٽان) اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري واقعي خلاف مذهبي تنظيمن پاران عمرڪوٽ، خيرپور، سجاول، مدئجي، پليجاڻي، فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، سجاول ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) سجاول جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ۾ پيش آيل خودڪش حملي جي واقعي خلاف شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مرڪزي حڪم تي سوين ڪارڪنن حسيني امام بارگاهه کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي سخت نعريبازي ڪئي. ريلي دوران فياض حسين شيخ، مختيار دايو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل خودڪش حملو هڪ سوچي سمجهي سازش آهي، جنهن تحت شيعه برادري کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، جيڪا حڪمرانن جي نااهلي جو کليل ثبوت آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد امام بارگاهه حملي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي، واقعي ۾ ملوث اصل ذميوارن کي بي نقاب ڪري انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ رهندڙ شيعه برادري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ريلي پرامن نموني سان پڄاڻي تي پهتي، ٻئي طرف اسلام آباد ۾ امام بارگاھ خديجه الڪبري ۾ بم ڌماڪي واري واقعي خلاف خيرپور ۾ جعفريه ڪائونسل پاران خاڪي شاھ پل کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي شيعا اڳواڻ سيد امتياز شاھ، حسن عباس، امداد خميساڻي، سيد حاجن شاھ ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت ملڪ ۾ دھشتگردي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي دھشتگرد سري عام گھمي رھيا آھن پر حڪومت انھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ڪڏھن مسجدن ۾، ڪڏھن امام بارگاهن، ڪڏهن بازارن تہ ڪڏھن روڊن رستن تي دھشتگردي جا واقعا پيش اچي رھيا آھن ۽ بيگناهه معصوم شھرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ۾ دھشتگرد ڪيئن پھتا ڪھڙيون قوتون آهن جيڪي انھن جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن، ھنن آرمي چيف آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسلام آباد ڌماڪي ۾ ملوث عناصرن کي بي نقاب ڪيو وڃي.اسلام آباد ۾ امام بارگاهه اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي خلاف پليجاڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، پليجاڻي ۾ اھلتشيت اڳواڻن ارشاد شاھ بخاري زوار صادق سوھو شفقت شاھ اداس سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ آھي ته آپگھاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي واقعي ۾ ملوث دھشتگردن کي فوري گرفتار ڪيو وڄي، مدئجي ۾ اسلام آباد سانحي جي شهيدن سان يڪجهتي طور مختلف شيعا تنظيمن ۽ علمبردار اسڪائوٽ ترائي جي سڏ تي سيد نويد حسين شاھ، نويد عباس ڪماريو، سلمان ميراڻي، سڌير انيس، شعيب ڪماريو، رياض خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ ترائي کان ٻه ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري مدئجي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،ريلي سيد بودلو شاھ جي اوطاق تي پهتي ته ايس ايڇ او مدئجي شاهد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس اٽالن پهچي ريلي کي روڪي ورتو، ياحسين ياحسين جون صدائون بلند، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جو ڪوبه سياسي احتجاج ناهي اسان فقط اسلام آباد سانحي جي شهيدن جي خونن سان انصاف لاءِ ريلي ڪڍي رهيا آهيون، پوليس پهچي اسان کي داٻا ڏئي ريلي ڪڍڻ کان روڪي ورتو آهي پوليس پاران ريلي ڪڍڻ کان روڪڻ تي شيعا اڳواڻن پاران مرڪزي امام بارگاهه ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيااڳواڻن چيو ته اسلام آباد امام بارگاهه ۾ خودڪش حملي سان اسان جا حوصلا اڃان به بلند ٿيا آهن، دهشتگردي اسان جا حوصلا پست نٿي ڪري سگهي، اسلام آباد سانحي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري شهيدن جي خونن سان انصاف ڪيو وڃي، فيض گنج ۾ اسلا آباد واقعي خلاف شعيه علماء ڪائونسل پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سيد فيض علي شاه اظهر چانگ محمد رمضان شر ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته اسلام آباد جي امام بادگاهه ۾ بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي ملڪ اندرامن امان خراب آهي ماڻهو اباد گاهن ۾ غير محفوظ آهن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي شهيدن جي وارثن سان انصاف ڪرائي امن امان بحال ڪرايو اسلام آباد ۾ خودڪش حملي ۽ ٿيل سفاڪ دھشتگردي خلاف عمرڪوٽ ۾ مرڪزي امام بارگاه پنج پير کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، مولانا ارشاد علي عرفاني زمان کوسو سيد عباس شاھ زورار اميربخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شيعانِ حيدرِ ڪرار جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻھن طرفان يزيد تي لعنت آمريڪا ۽ اسرائيل جي دهشتگردي خلاف سخت نعاريبازي ڪئي وئي