هڱورجا ڀرسان حادثي ۾ نينگر فوت، سندس گهر ۾ ڪهرام متل

هڱورجا ڀرسان حادثي ۾ نينگر فوت، سندس گهر ۾ ڪهرام متل

ھنڱورجا(رپورٽر)ھنڱورجا ويجھو قومي شاھراھ تي تيز رفتار چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچم زوردار ٽڪر نينگر فوت ھڪ زخمي . نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام . تفصيل موجب ھنڱورجا ويجھو قومي شاھراھ تي پنجاب کان سيوھڻ تي ويندڙ زائرين جي چنگچي رڪشا ء موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي موٽرسائيڪل سوار ھنڱورجا جي ڳوٺ بنگل خان چانگ جو رھواسي 15 نينگر اسرار احمد ولد ڪمال چانگ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏنھن ت ساٿي سراج احمد ولد الفت علي چانگ شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي ھنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتي نوجوان جو لاش ڳوٺ بنگل خان چانگ ۾ سندس گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو . روڊ حادثي جو ڪوب ڪيس داخل ن ٿي سگھيو.