ڪراچي (رپورٽر) انجمن ترقي پسند منصفين ڪراچي جون چونڊون ٿي گذريون، تمام عھديدار بنا مقابلي ڪامياب، يارنهن رڪني گورننگ باڊي به چونڊي وئي. تفصيل موجب گذريل ڏينھن ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي گل رنگ ٽيريس ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر جون سال ۲۰۲۶-۲۷ جون چونڊون ٽھ رڪني اليڪشن ڪميٽي جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذريون.جيڪا انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو، نامور دانشور عبدالحميد منگي ۽ معروف بلوچي اديب واحد بلوچ تي مشتمل ھئي. ان موقعي تي انجمن جي رجسٽرڊ ۲۵ ووٽرن شرڪت ڪئي.چونڊ عمل دوران شريڪ دوستن مختلف عهدن لاءِ مختلف عھديدارن جون تجويزون پيش ڪيون. جن ۾ صدارت لاءِ منصور کوکر،نائب صدر پروفيسر ساجده چنا، جنرل سيڪريٽري نعيم شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري ايڊوڪيٽ واحد بخش ناريجو، پريس سيڪريٽري لياقت عباسي ۽ خزانچي لاءِ وليم صادق شامل ھئا، چونڊ عمل ۾ شريڪ ۲۵ميمبرن پنھنجي جمھوري راء جو اظهار ڪندي پيش ڪيل تجويزن جي حمايت ڪئي، جن جي مخالفت ۾ ڪوبه اميدوار سامھون نه آيو تنھن بعد اليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين رياض شاھد دايو مٿين عھديدارن جو بنا مقابلي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. جڏنھن ته عھديدارن کانسواء ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا يارنھن ميمبر پڻ چونڊيا وياـ جن ۾ منصور کوکر ۽ نعيم شيخ کان علاوه گل محمد منگي، ڪرم علي شاه ڪرم، عبدالغفور کتري، قمر جھان قمر، خاصخيلي لطيف راولاڻي، محمد يونس مھر، مھيش ڪمار، اي بي منگي، امين جويو, سرور سمينجو ۽ اظھر ٻانڀڻ شامل آھن ـ ان موقعي تي نون چونڊيل عھديدارن انجمن جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ انجمن کي فروغ ڏيڻ جي وچن جو اظهار ڪيوـ انجمن جي نون چونڊيل عھديدارن کي سموري سنگت مبارڪباد پيش ڪئي، چونڊ عمل بعد انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو مختصر خطاب ڪندي چيو ته ڪرم علي شاهه ڪرم جي اڳواڻي ۾ ڪراچيءَ جي اڳوڻي باڊي ترقي پسند شعور جي مشعل کي بھتر نموني سان اڳتي وڌايو . ھن چيو تھ ھن سال سموري دنيا ۾ انجمن جا نوي سال پورا ٿيڻ تي تقريبات منعقد ٿي رھيون آھن ، ان سلسلي ۾ نئين چونڊيل باڊي کي پھريون اھو ٽاسڪ ڏجي ٿو ته ٻين ترقي پسند قوتن سان گڏجي ڪراچي ۾ انجمن جي قيام جي نوي سالا تقريبات لاءِ ڪوششون ڪن. جڏھن ته معروف اردو شاعر و آرٽسٽ نديم سبطين چيو ته سيد سجاد ظهير ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو، وليم صادق چيو ته 1936 ۾ منشي پريم چند جي صدارت ھيٺ ترقي پسند اديبن جي پھرين ڪانفرنس منعقد ٿي، جنھن ۾ ادب براءِ زندگي جو نعرو ڏنو ويو. انھي موقعي تي گل محمد منگي، عبد الغفور کتري، مھيش ڪمار،اظھر ٻانڀڻ، لياقت عباسي، ڪرم علي شاھ ڪرم، لطيف راولاڻي،سرور سميجي ۽ ٻين پڻ پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو ۽ چونڊيل عھديدارن کي مبارڪون ڏنيون.ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته نون چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري واري تقريب عنقريب سڏائي ويندي.
0 تبصرے