هي شهر مونکي جنت جو هڪ ٽڪرو محسوس ٿيندو آهي، جتي قدم قدم تي الله جا ولي آرامي آهن
ٺٽو( شفيق ڀٽي) حضرت عبدالله شاهه اصحابيؒ جي 387هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي پشاور کان خصوصي طور شرڪت ڪرڻ لاءِ آيل گادي نشين حسن شاهه جيلاني چيو آهي ته ٺٽي جا ماڻهو انتهائي خوشنصيب آهن، ڇاڪاڻ تہ هو اولياءِ ڪرام جي شهر ۾ رهن ٿا. هي شهر مونکي جنت جو هڪ ٽڪرو محسوس ٿيندو آهي، جتي قدم قدم تي الله جا ولي آرامي آهن. هن چيو ته اولياءِ ڪرام جي خلافت جو سلسلو نه ڪڏهن رڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن رڪجندو، هي سلسلو ازل کان ابد تائين جاري رهندو. جنهن ريت دنيا ۾ شاديءَ جي موقعي تي سڀ ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، ساڳي ريت اولياءِ ڪرام جي عرس جي موقعي تي جيئرا توڙي پردو ڪري ويل سمورا اولياءَ روحاني طور هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن. انهيءَ نسبت سان ٺٽي جهڙي مقدس شهر ۾ هر وقت روحاني آمدرفت جاري رهي ٿي. گادي نشين حسن شاهه جيلاني چيو ته هنن کي ۽ سندن والد صاحب کي ٺٽي شهر سان خصوصي روحاني وابستگي حاصل آهي. پنجٽيهه سال اڳ سندن والد حضرت عبدالله شاهه اصحابيؒ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ آيا هئا، جتي ان وقت جي بزرگ هستين مولوي طفيل احمد ميمڻ ۽ خليفو فيروز قادري جي والد صاحب سندن پرتپاڪ آڌرڀاءُ ڪيو ۽ روحاني طور جانشيني جو اعلان ڪيو. اڄ چهرا ضرور بدلجي ويا آهن، پر محبت ۽ احترام جو اهوئي سلسلو اڄ به قائم آهي. هن اھڙن خيالن جو اظهار عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين سان درگاهه حضرت عبدالله شاهه اصحابيؒ تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خليفو فيروز احمد قادري، مولانا ممتاز علي ٺٽوي سميت مريدن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. حسن شاهه جيلاني چيو ته ٺٽي جي نوجوانن کي منفي سرگرمين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ حضرت عبدالله شاهه اصحابيؒ سميت ٻين اولياءِ ڪرام جي تعليمات تي عمل ڪندي مسجدن سان پنهنجو تعلق مضبوط بڻائڻ گهرجي، نماز ۽ درود و سلام جي پابندي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ نشي پتي سميت ٻين برائين کان مڪمل طور بچڻ گهرجي. ان کان اڳ گادي نشين حسن شاهه جيلاني مريدن سان گڏجي ختمِ غوثيه جو ورد ڪيو، جڏهن ته ان کان پوءِ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، امن، استحڪام ۽ عوام جي گڏيل ڀلائي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي.
0 تبصرے