پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي اولين ترجيح آهي.!!

غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي اولين ترجيح آهي.!!

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪجهه جملا اهڙا هوندا آهن، جيڪي رڳو تقريرن جي زينت ناهن رهندا، پر وقت سان گڏ هڪ فڪر، هڪ رويو ۽ هڪ قومي ذميواري بڻجي ويندا آهن. “پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي اولين ترجيح آهي” اهڙو ئي جملو آهي، جيڪو چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي زبان مان نڪري هڪ وسيع قومي پيغام جي صورت اختيار ڪري ٿو. هي جملي صرف سياستدانن لاءِ نه، پر هر ان فرد لاءِ سوال بڻجي ٿو، جيڪو هن ملڪ سان وابسته هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ڇا اسان واقعي پاڪستان جي خدمت کي پنهنجي ذاتي مفادن، سياسي اختلافن ۽ گروهي تعصبات کان مٿانهون رکي سگهيا آهيون يا نه؟ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سڃاڻپ ئي خدمت، قرباني ۽ عوامي سياست سان جڙيل رهي آهي. هي پارٽي جڏهن وجود ۾ آئي، تڏهن ملڪ تي اشرافيه جي حڪمراني هئي، عام ماڻهو سياست کان پري هو، ۽ طاقت ڪجهه هٿن ۾ قيد هئي. ذوالفقار علي ڀٽو سياست کي درٻارن مان ڪڍي عوام جي اڱڻ تائين آندو. هن پاڪستان جي غريب، مزدور، هاري ۽ شاگرد کي اهو احساس ڏياريو ته هي ملڪ رڳو حڪمرانن جو نه، پر انهن جو به آهي. “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” جو نعرو دراصل پاڪستان جي خدمت جو سماجي تصور هو، جنهن ۾ رياست کي پنهنجي عوام جو ذميوار قرار ڏنو ويو. پيپلزپارٽي جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي. هن پارٽي اقتدار ته ڏٺو، پر ان کان وڌيڪ ظلم، جيلون، ڦاسيون، جلاوطنيون ۽ شهادتون ڏٺيون. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏئي به پيپلزپارٽي کي ختم نه ڪري سگهيو ويو. بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري به عوام جي دلين مان پيپلزپارٽي جو نالو مٽائي نه سگهيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي کي رڳو سياسي جماعت چوڻ ناانصافي آهي؛ هي هڪ تحريڪ آهي، جيڪا وقت جي هر آزمائش مان گذري وڌيڪ سگهاري ٿي نڪتي آهي. بلاول ڀٽو زرداري اهڙي تاريخي ورثي جو امين آهي، جيڪو رڳو نالي سان نه، پر ذميواريءَ سان ڳنڍيل آهي. هن ننڍپڻ ۾ ماءُ جي شهادت جو درد ڏٺو، جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري، ۽ پوءِ شعوري طور سياست ۾ قدم رکيو. بلاول ڀٽو جي سياست جو اهم پهلو اهو آهي ته هو نفرت ۽ انتقام جي سياست بدران اميد، ڳالهه ٻولهه ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو. هو نوجوانن کي سياست جو حصو بڻائڻ چاهي ٿو، ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته بنا نوجوانن جي پاڪستان جو مستقبل محفوظ نٿو ٿي سگهي. پاڪستان جي خدمت جو تصور بلاول ڀٽو زرداري جي سياست ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن ڪيترن ئي موقعن تي واضح ڪيو آهي ته سياست جو اصل مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ نه، پر عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ آهي. جڏهن هو تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ، نوجوانن کي اڳتي آڻڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو دراصل هڪ اهڙي رياست جو خواب پيش ڪري ٿو،جتي هر شهري کي برابر جا حق حاصل هجن. ڪئڊٽ ڪاليج پٽارو جهڙي اداري مان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو جو اهو چوڻ ته ڊسپلن سزا نه پر آزادي آهي، هڪ گهري فڪري ڳالهه آهي، ڇو ته نظم ۽ اصول کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. سنڌ، جيڪو پيپلزپارٽي جو سياسي مرڪز رهيو آهي، هميشه پاڪستان جي سلامتي، وفاق ۽ جمهوريت لاءِ بيٺل رهيو آهي. بلاول ڀٽو جو اهو چوڻ ته سنڌ پاڪستان سان دل جيان ڌڙڪندي رهي آهي، رڳو سياسي بيان نه پر تاريخي حقيقت آهي. سنڌ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ۽ هر بحران ۾ وفاق سان گڏ بيٺي. پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن، حقن ۽ سڃاڻپ جي ڳالهه ڪندي به هميشه پاڪستان جي وحدت کي اوليت ڏني آهي. پيپلزپارٽي جي حڪومتن دوران ڪيترائي اهڙا قدم کنيا ويا، جيڪي سماجي تحفظ جي علامت بڻيا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو منصوبو رڳو مالي مدد نه، پر رياست جي ذميواريءَ جو اعتراف هو. عورتن جي بااختياري، اقليتن جي حقن، مزدورن جي تحفظ ۽ صوبن جي خودمختياري لاءِ پيپلزپارٽي جو ڪردار واضح رهيو آهي. آئين ۾ ارڙهين ترميم جهڙو تاريخي قدم پيپلزپارٽي جي سياسي بصيرت جو ثبوت آهي، جنهن سان وفاق مضبوط ٿيو ۽ صوبن کي پنهنجا حق مليا. پاڪستان اڄ جن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهي رڳو معاشي نه پر فڪري به آهن. عدم برداشت، سياسي ورهاست ۽ مايوسي سماج ۾ پکڙجي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو پاڪستان جي خدمت کي اولين ترجيح قرار ڏيڻ هڪ مثبت پيغام آهي. هي پيغام اهو ٻڌائي ٿو ته سياست کي ٻيهر خدمت سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سياست رڳو الزام تراشي، نفرت ۽ ذاتي مفادن تائين محدود رهي ته ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي. پيپلزپارٽي هميشه رياستي ادارن جي احترام جي ڳالهه ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو مسلح افواج بابت ذميوار ۽ متوازن موقف ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پيپلزپارٽي رياست کي ڪمزور ڪرڻ نه پر مضبوط ڏسڻ چاهي ٿي. هڪ مضبوط پاڪستان تڏهن ممڪن آهي، جڏهن سياستدان، فوج، عدليه ۽ ٻيا ادارا آئين جي دائري اندر رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پيپلزپارٽي جو فڪر هميشه اهڙي جمهوري توازن جو حامي رهيو آهي. نوجوان پاڪستان اڄ سوال ڪري رهيو آهي ته کيس ڇا مليو؟ روزگار، انصاف ۽ اميد. بلاول ڀٽو زرداري جي سياست تڏهن ڪامياب ٿيندي، جڏهن نوجوانن کي رڳو تقريرن ۾ نه پر عملي طور اڳتي آندو ويندو. پيپلزپارٽي وٽ اهو موقعو آهي ته هو نوجوانن کي قيادت، پاليسي ۽ فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪري هڪ نئون سياسي ڪلچر متعارف ڪرائي. پاڪستان جي خدمت جو حقيقي مطلب به اهو ئي آهي ته ايندڙ نسلن لاءِ ملڪ کي بهتر حالت ۾ ڇڏيو وڃي. پيپلزپارٽي جي خلاف هميشه پروپيگنڊا ٿيندي رهي آهي، پر تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته هي پارٽي هر دور ۾ عوام سان گڏ بيٺي آهي. اقتدار ۾ هجي يا مخالفت ۾، پيپلزپارٽي جمهوريت جو جهنڊو بلند رکيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري اڄ انهيءَ تسلسل کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته سياست رڳو ماضي جي ورثي سان نٿي هلي، پر مستقبل جي تياري سان هلي ٿي. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته “پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي اولين ترجيح آهي” رڳو هڪ جملو نه، پر هڪ قومي عهد هجڻ گهرجي. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي ۽ ملڪ جا ٻيا سياسي ڌڙا هن سوچ کي عملي صورت ڏئي سگهن ٿا ته پاڪستان نه رڳو پنهنجا بحران منهن ڏئي سگهندو، پر هڪ مضبوط، پرامن ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجي سگهي ٿو. پيپلزپارٽي جي تاريخ، قربانيون ۽ فڪر ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته هي جماعت اڄ به پاڪستان جي خدمت جو حوصلو، ارادو ۽ صلاحيت رکي ٿي، ۽ بلاول ڀٽو زرداري ان جدوجهد جو نئون چهرو بڻجي سامهون اچي رهيو آهي.