سنڌ جي تاريخ ۾ شايد هي سڀ کان وڌيڪ شرمناڪ باب آهي، جتي جديد دور، جديد دوائن ۽ ويڪسين جي موجودگي باوجود معصوم ٻار ارڙي سبب ضايع ٿي رهيا آهن، ۽ قاتل ڪا وبا ناهي، قاتل آهي بي حسي، نااهلي ۽ هڪ لاپرواهه صحت نظام. ارڙي جهڙي روڪجڻ لائق بيماري اڄ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موت جو اهڙو رقص ڪري رهي آهي، جو ماءُ جي جهولي خالي، پيءُ جون اکيون سُڃيون ۽ سماج جو ضمير سُتل نظر اچي ٿو.
ارڙي ڪا اوچتي آفت ناهي، نه ئي ڪا نئين بيماري. هيءَ اها بيماري آهي، جنهن جو علاج ۽ بچاءُ سڄي دنيا ۾ ڏهاڪن کان ممڪن آهي. هڪ سادي ويڪسين، جيڪا هر ٻار جي بنيادي حقن ۾ شامل آهي، سا سنڌ جي ڪيترن ئي ٻارن تائين نه پهچي سگهي آهي. نتيجي ۾، ٻار بخار، ڇالن ۽ ساهه جي تڪليف سان اسپتالن ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي رهيا آهن، يا وري بغير ڪنهن علاج جي گهرن ۾ ئي زندگي هاري رهيا آهن.
تازن مهينن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن مان ارڙي جا سوين ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ڪيترن معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جون به خبرون ميڊيا جو حصو بڻيون آهن. افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته هر فوتگي کان پوءِ صحت کاتي جا روايتي بيان اچن ٿا، جاچ جا حڪم ڏنا وڃن ٿا، پر ميدان ۾ ڪجهه به تبديل نٿو ٿئي. اهي ٻار جيڪي مري ويا، اهي ڪنهن رپورٽ جو انگ نه هئا، اهي جيئرا وجود هئا، جن کي جيئڻ جو پورو حق هو.
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهڙا ڳوٺ موجود آهن، جتي مهينن تائين ويڪسينٽر جو نالو نشان نٿو ملي. ڪٿي ويڪسين موجود ناهي، ڪٿي اسٽاف غير حاضر آهي، ۽ ڪٿي والدين کي ايتري آگاهي ئي ناهي ته ارڙي ڪيتري خطرناڪ بيماري آهي. صحت کاتي جون غفلتون صرف انتظامي ناڪاميون ناهن، پر اهي سڌي طرح انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.
غربت، جهالت ۽ رياستي بي حسي هڪ اهڙو مثلث بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ڦاٿل ٻار هر حال ۾ نقصان ۾ آهن. غريب ماءُ پيءُ وٽ نه وسيلو آهي، نه ڄاڻ، ۽ نه ئي اسپتال تائين پهچڻ جو سهارو. جڏهن ته رياست، جيڪا پاڻ کي سرپرست سڏي ٿي، سا فقط ڪاغذن ۾ ذميواري نڀائي رهي آهي.
اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ ويڪسين بابت غلط فهميون ۽ افواهون ڦهليل آهن، پر انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيده ۽ مستقل آگاهي مهم نه هلائي وئي. سوال اهو آهي ته جڏهن سياسي جلسن، اشتهارن ۽ ٻين نمائشي منصوبن لاءِ وسيلا موجود آهن، ته پوءِ ٻارن جي زندگين لاءِ ڇو نه؟
ميڊيا جڏهن ارڙي سبب فوتگين جون خبرون هلائي ٿي ته ڪجهه ڏينهن شور ٿئي ٿو، پوءِ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. اها خاموشي ئي اصل ۾ سڀ کان وڏو جرم آهي. ڇو ته هر اها خاموشي، ايندڙ موت جو رستو هموار ڪري ٿي. جيڪڏهن هر فوتگيءَ تي ذميوارن کان جواب طلب ڪيا وڃن، جيڪڏهن هر ماءُ جي دانهن اقتدار جي ڪنن تائين پهچي، ته شايد هي وبا ايتري بي رحم نه رهي.
سنڌ کي ارڙي کان بچائڻ ڪو ناممڪن ڪم ناهي. ضرورت رڳو ايمانداري، مستقل پاليسي ۽ انساني درد کي سمجهڻ جي آهي. هر ٻار جي مڪمل ويڪسين، هر ڳوٺ تائين صحت جون سهولتون، ۽ هر غفلت ڪندڙ آفيسر خلاف سخت ڪارروائي ــ هي سڀ فيصلا اڄ به ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن حڪمران واقعي چاهين.
معصوم ٻارن جون زندگيون وبا سبب ضايع ٿي رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ صحت کاتو اڃا تائين سُتل ۽ بي حسيءَ ۾ مصروف آهن.
ارڙي سبب هر فوتگي رڳو انگ اکر ناهي، هي هڪ پڪڙيل ظلم آهي، جنهن جي سامهون سماج جا سڀ ماڻهو بي حس نظر اچن ٿا. هر ماءُ جي دانهن، هر پيءُ جي ڏک، هر ڳوٺ جي ماتم، اهي سڀ رڪارڊ ۾ انگ ناهن، پر حقيقت ۾ اهي وبا جي سڀ کان وڏيون نشانيون آهن.
حڪومت جا ويڪسين ۽ صحت جا پروگرام گهڻو ڪري ڪاغذن تائين محدود آهن. حقيقت ۾، ڪيترن ڳوٺن ۾ ٻار ويڪسين کان محروم آهن، اسپتالون اڌڪار ناهن، ۽ ڊاڪٽر يا نرس جو موجود هجڻ صرف خواب آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻار جلدي وبا جو شڪار ٿين ٿا ۽ زندگيءَ کي برقرار رکڻ جا وسيلن کان محروم آهن.
غربت ۽ بي وسيلگي سبب والدين علاج نه ڪرائي سگهن ٿا، پر ساڳئي وقت رياست به صرف ڏسندي رهي ٿي. سماجي تنظيمون ۽ ميڊيا جي سنجيده ڪوشش کان سواءِ هي وبا بي رحمي سان جاري رهي ٿي. هر فوتگي هڪ آواز آهي، جيڪو حڪومت ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي تي سوال اٿاري ٿو، پر اهو آواز اڪثر خاموش ٿي وڃي ٿو.
جيڪڏهن حڪومتي ادارا پنهنجو فرض سنجيدگي سان نڀائين، ويڪسين جي مڪمل پهچ ۽ آگاهي مهم هلائي وڃي، ته هي وبا آسان سان ڪنٽرول ۾ اچي سگهي ٿي. پر جڏهن لاپرواهي ۽ بي حسي هلي رهي آهي، ته معصوم ٻارن جا حياتيون ضايع ٿيون وڃن ٿيون.
ارڙي ڪا قدرتي سزا ناهي، هي انسانن جي ٺاهيل نظام جي ناڪامي آهي. ۽ جيستائين هي نظام نه جاڳندو، تيستائين سنڌ جا معصوم ٻار ضايع ٿيندا رهندا.
آخر ۾ سوال صرف اهو ناهي ته ارڙي جا ڪيترا ڪيس ٿيا يا ڪيترا ٻار فوت ٿيا، اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان اڃا به انهن موتن کي قسمت چئي نظرانداز ڪندا رهنداسين؟ يا پوءِ جاڳنداسين؟
0 تبصرے