ملير: حاجي شاهه علي گوٺ ۾ نيشنل بينڪ جي آفيسر جي گهر مان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو ڌاڙو

ملير: حاجي شاهه علي گوٺ  ۾ نيشنل بينڪ جي آفيسر جي گهر مان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو ڌاڙو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) حاجي شاهه علي ڳوٺ شرافي ۾ گذريل رات نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي آفيسر ڪيپٽن عبداللطيف جي گهر ۾ هٿياربند ڌاڙيلن گهر جو صفايو ڪري ڇڏيو. واقعي واري رات تقريباً ٽي کان چار وڳي ڌاري پيش آيو.گهر وارن موجب هٿياربند ڌاڙيلن گهر ۾ داخل ٿي سمورن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر مان سونا زيور، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتا، جن جي مجموعي ماليت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي آفيسر ڪيپٽن عبداللطيف ٻڌايو ته هٿياربند ماڻهن کين هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ سان گڏ گهر ۾ موجود هٿيارن بابت پڻ معلومات ورتي. بعد ۾ ڌاڙيل زبردستي کين سندن ڀاءُ جي گهر وٺي ويا، در کڙڪائي ڀاءُ کي جاڳايو ۽ ان کان به روڪ رقم ۽ سون جا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا.واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ دهشت جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته متاثر خاندان انصاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.