English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ خلع لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندڙ ناري جو احتجاج
243 views
|
23rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڙس نشئي آ جيڪو مسلس تشدد ڪندو هو جنهن ڪري عدالت جو در کڙڪايو: ثمينا ڳچل
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ طلاق لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪندڙ عورت ثمينه ڳچل صحافين آڏو دانهن ڪندي چيو آهي ته مٿس تشدد ڪندڙ نشئي مڙس کان الڳ ٿيڻ لاءِ داخل ڪيل طلاق جي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مٿس زبردستي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ شديد ذهني تڪليف ڏني پئي وڃي. هن الزام هنيو ته بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب نه رڳو کيس ڌمڪيون مليون آهن پر سندس پيرسن ۽ بيمار پيءُ کي پڻ پوليس ذريعي دٻاءُ هيٺ آندو ويو آهي ته جيئن هوءَ قانوني جدوجهد کان پوئتي هٽي وڃي.ڳوٺ ٻڍي واهن جي رهواسڻ ثمينه ڳچل هنيو آهي ته سندس مڙس انيس مشوري نشي جو عادي آهي، جيڪو باقاعدي طور مٿس تشدد ڪندو رهيو آهي. متاثر عورت موجب سندس شاديءَ کي هڪ سال جو عرصو گذريو آهي پر شادي کان وٺي هن سخت ذهني ۽ جسماني تڪليفن ۾ زندگي گذاريو آهي، جنهن بعد هن قانوني طريقي سان ڪورٽ ۾ طلاق جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ثمينه ڳچل جو چوڻ آهي ته طلاق جي ڪيس کان پوءِ ڪجهه بااثر ماڻهن کيس دٻاءُ هيٺ آڻڻ شروع ڪيو آهي ته هوءَ ڪيس تان هٿ کڻي. هن ٻڌايو ته انهن ماڻهن جي نالن جو ذڪر ڪرڻ کان به هوءَ خوفزده آهي، جڏهن ته بااثر ڌرين جي چوڻ تي پوليس سندس پيرسن ۽ بيمار پيءُ محرم علي ڳچل کي ٿاڻي تي کڻي وئي، جتي کيس گهڻي دير تائين زمين تي ويهاري ذهني دٻاءُ وڌو ويو ته طلاق واري ڪيس تان هٿ کنيو وڃي. متاثر عورت موجب هن پوليس کي اهو چئي پنهنجي پيءُ کي ڇڏايو آهي ته هوءَ پاڻ بااثر ماڻهن سان وڃي ڳالهه ٻولهه ڪندي، پر هن جو چوڻ آهي ته هوءَ غريب ۽ لاچار آهي ۽ اهڙو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿي رکي. هن چيو ته سندس پيءُ پوڙهو ۽ بيمار آهي، جيڪڏهن اهڙي ذهني پريشر سبب کيس ڪجهه ٿي ويو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ثمينه ڳچل وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورٽ ۾ طلاق جو ڪيس هلندڙ آهي، جنهن جي هڪ پيشي ٿي چڪي آهي، پر سندس مڙس عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻي پيشي 26 ڊسمبر تي مقرر آهي، جڏهن ته کيس ڌمڪيون پڻ مليون آهن ته جيڪڏهن هوءَ عدالت ۾ پيش ٿي ته کيس قتل ڪيو ويندو.متاثر عورت اعليٰ اختيارين، وس وارن ادارن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ميڊيا کان اپيل ڪئي آهي ته هو سندس دانهن ورنائين، کيس ۽ سندس پيءُ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ هن تي ٿيندڙ دٻاءُ جو نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن هوءَ بغير خوف جي قانوني طريقي سان پنهنجو ڪيس وڙهي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ خلع لاءِ عدالت
0 تبصرے