سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنوَر علي لغاري جي ڪنري آمد

مينيجنگ ڊائريڪٽر استادن ۽ عملي سان ملاقات ڪئي ۽ جاري تربيتي سرگرمين جو تفصيلي جائزو ورتو

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنوَر علي لغاري جي ڪنري آمد

عمرڪوٽ(رپورٽ ڪانجي مل رکيسر)ڪنري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF)، حڪومتِ سنڌ جي معزز مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنوَر علي لغاري، سنجي ماٿراڻي سان گڏ، FAS–سن شائن انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪنري جو دورو ڪيو. هن موقعي تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪلسٽر بيسڊ ٽريننگ براءِ جامع تعليم (Cycle Round One) جاري هئي.دوري دوران معزز مينيجنگ ڊائريڪٽر استادن ۽ عملي سان ملاقات ڪئي، جاري تربيتي سرگرمين جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ تربيت جي معيار کي ساراهيو. هن اداري جي سازگار تعليمي ماحول، بهتر انفراسٽرڪچر ۽ مؤثر انتظامي نظام جي به واکاڻ ڪئي. ان کان علاوه هن SEF پارٽنر جناب سڪندر علي آريسر ۽ اسڪول انتظاميه سان به ملاقات ڪئي.معزز مهمان اداري ۾ منعقد ڪيل ڪلچر ڊي جي تقريبن جو به مشاهدو ڪيو، جتي سنڌ جي ثقافت، روايتن ۽ قدرن کي خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙيون سرگرميون شاگردن ۾ ثقافتي شعور، هم آهنگي ۽ سڃاڻپ جي احساس کي وڌائين ٿيون.هن موقعي تي معزز مينيجنگ ڊائريڪٽر جناب سڪندر علي آريسر جي قيادت، مسلسل سهڪار ۽ تعليمي خدمتن کي ساراهيندي معياري تعليم جي فروغ ۾ سندن ڪردار کي قابلِ تحسين قرار ڏنو. ساڳي وقت، هن استادن جي گڏيل ڪوششن کي به ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ هڪ مثبت، منظم ۽ ٻارن لاءِ سازگار تعليمي ماحول قائم آهي.