ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل ڏينهن صوبائي وزير ناصر شاھ ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب سان گڏ ڀينس ڪالوني جو دورو ڪيو جتي انهن جمعه حمايتي ڳوٺ لڳ ريلوي ڦاٽڪ تي تعمير ٿيندڙ پل جي ترقياتي منصوبي جو تفصيلي معائنو ڪيو دوري جو مقصد شهر جي اهم ۽ مصروف روڊن تي جاري ترقياتي ڪمن جي رفتار ۽ معيار جو جائزو وٺڻ هو وزيراعليٰ سنڌ ۽ ميئر ڪراچي موقع تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته پل جي تعمير هر صورت 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي وڃي انهن زور ڏنو ته منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي دير ناقابلِ قبول آهي، ڇاڪاڻ ته هي پل مقامي رهواسين ۽ مسافرن لاءِ ٽرئفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ان موقع تي يو سي ڀينس ڪالوني وائيس چيئرمين عبدالستار حمايتي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، جن ترقياتي منصوبي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ حڪومتي قدمن کي خوش آئند قرار ڏنو ڀينس ڪالوني جي ڦاٽڪ تي تعمير ٿيندڙ هي پل ٽرئفڪ جام جي ڊگهي عرصي وارن مسئلن جو مستقل حل سمجهيو وڃي ٿو منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو ريليوي ڦاٽڪ بند ٿيڻ سبب وقت جي ضايع ٿيڻ جو مسئلو ختم ٿيندو، پر ڀينس ڪالوني ۽ آس پاس وارن علائقن جي لکين رهواسين کي روزاني سفري مشڪلاتن کان پڻ ڇٽڪارو ملندي ان کان علاوه، هن پل جي تعمير سان مقامي معيشت کي هٿي ملڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ تيزي اچڻ جي اميد آهي. شهرين اميد ظاهر ڪئي آهي ته مقرر ڪيل وقت ۾ پل مڪمل ٿيڻ سان انهن جي مسئلن ۾ واضع گهٽتائي ايندي
0 تبصرے