چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عوامي مسئلن جي حل لاءِ کليون ڪچهريون منعقد ڪيون پيون وڃن: دوست محمد راهمون
نوشهروفيروز (ڊر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي صوبي جي ٻين ضلعن وانگر نوشهروفيروز ۾ به عوامي مسئلن جي فوري حل ۽ سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ سيد علي احمد پارڪ ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وزيراعلیٰ سنڌ جي معاونِ خصوصي ماحوليات، ماحولياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي دوست محمد راهمون ڪئي۔ کليل ڪچهري ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي ممتاز علي چانڊيو، سيد سرفراز علي شاهه، سيد حسن علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم، ايس ايس پي روحل خان کوسو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل اختر عباسي سميت مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي۔ کليل ڪچهري ۾ ضلع جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي پنهنجا مسئلا پيش ڪيا۔دوست محمد راهمون عوام جي شڪايتن ۽ سرڪاري کاتم بابت مسئلن کي تفصيل سان ٻڌو ۽ ڪيترين درخواستن تي موقعو تي ئي هدايتون جاري ڪيون۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کان جواب طلب ڪندي عوامي سهولتن جي فوري ۽ مؤثر فراهمي بابت سخت هدايتون جاري ڪيون۔کليل ڪچهري دوران شهرين ريونيو، پوليس، صحت، تعليم، اسپورٽس، فاريسٽ، بلديات، روڊز ۽ سيپڪو سميت ٻين کاتن بابت شڪايتون پيش ڪيون۔ ماڻهن سرڪاري ڪار وهنوار ۾ سستي، عملدارن جي عدم دلچسپي، بدانتظامي، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ٻين سنگين مسئلن ڏانهن به ڌيان ڇڪايو۔تقريب ۾ خطاب ڪندي دوست محمد راهمون چيو ته عوامي مسئلن جو حل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ۽ کليل ڪچهريون عوام ۽ انتظاميا جي سڌي رابطي جو اهم ذريعو آهن۔ هن چيو ته اسان جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي، ۽ جيڪي مسئلا موقعي تي حل ٿي سگهن ٿا، انهن لاءِ فوري قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ٻين مسئلن بابت سنڌ حڪومت کي سفارشون موڪلي يقيني بڻايو ويندو ته عوامي نوعيت جا مسئلا فوري حل ٿين۔شهرين کليل ڪچهري دوران ضلع ۾ يونيورسٽي جي قيام، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي بهتري، ڊرينج نظام، صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽ، روڊن جي تعمير ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو مطالبو ڪيو۔عوام امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ، گرلز ڪاليج لاءِ ٽرانسپورٽ جي فراهمي ۽ 15 مرڪز کي شهر اندر منتقل ڪرڻ جي درخواست به ڪئي۔
0 تبصرے