English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير ۾ نامياري ليکڪ، اديب ۽ صحافي انور پيرزادي جي ياد ۾ عوامي ميڙاڪو
132 views
|
18th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ميڙاڪي ۾ اديبن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن پاران انور پيرزادو کي فڪري ۽ صحافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌي ادب ۽ صحافت جي نامياري شخصيت انور پيرزادي جي ياد ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي طرفان انور پيرزادو جون ساروڻيون عنوان هيٺ پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن، ليکڪن، اديبن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ضلعي ملير سميت ڪراچي جي مختلف علائقن مان آيل انور پيرزادي جي ويجهن ادبي، علمي ۽ صحافتي دوستن، سندس پٽن زرار پيرزادو سميت ڪيترن ئي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ليکڪ ڪالم نگار ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انور پيرزادو سنڌي ادب ۽ صحافت جو اهڙو نالو آهي، جنهن پنهنجي قلم وسيلي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ مزاحمتي شعور کي زنده رکيو. هن چيو ته انور پيرزادي جي لکڻين ۾ رڳو لفظ نه، پر فڪر، مزاحمت ۽ سچائي سمايل آهي. هو نوجوانن لاءِ هڪ فڪري درسگاهه هو، جنهن هميشه سوال اٿاريا ۽ ظلم خلاف لکيو، لکڪ پروفيسر زيد پيرزادو چيو ته سندس والد رڳو هڪ صحافي يا اديب نه، پر هڪ سچو، انقلابي، انسان ۽ اصولن جو پڪو ماڻهو هو. هن چيو ته انور پيرزادي نوجوانن جو حامي هو هن نوان آيدياز جو وٽس ڀنڊار هو هن چيو هو ته هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ کي ترجيح ڏني، ڀلي ان جي قيمت جيل جي صورت ۾ ڇو نه ادا ڪرڻي پئي. هن عوامي پريس ڪلب ملير ۽ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو جو هنن سندس والد کي وساريو ناهي.ليکڪ غفور ميمڻ چيو ته انور پيرزادو سنڌ جي انهن دانشورن مان هو، جن صحافت کي نوڪري نه پر مشن سمجهيو. هن چيو ته ”وڏيري جي اوطاق مان“ جهڙا ڪالم سنڌي سماج جي اندروني بناوت کي وائکو ڪن ٿا. انور پيرزادي جي لکڻين مان سماجي ناانصافين خلاف بيباڪ آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.سماجي اڳواڻ ليکڪ محمد علي پٺاڻ چيو ته انور پيرزادو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تحريڪن سان لاڳاپيل رهيو ۽ هميشه مظلوم طبقن جي حق ۾ بيٺو. هن چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ دوران سندس قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن. هو اهڙو صحافي هو، جيڪو اقتدار آڏو جهڪيو نه.قومي شاعر غفور شاه تقوي چيو ته انور پيرزادي جي شخصيت ۾ شاعرانه حساسيت ۽ صحافتي جرئت گڏيل هئي. هن چيو ته انور پيرزادي جي تحريرن ۾ شاهه لطيف جو فڪر، سنڌوءَ جي سڏ ۽ ٿر جي تڪليف صاف نظر اچي ٿي. سندس قلم سنڌ جي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل رهيو.غني ڪانڌڙو ۾ چيو ته انور پيرزادو سنڌي صحافت جو ضمير هو. هن چيو ته انور پيرزادي جهڙا صحافي هاڻي گهٽ پيدا ٿين ٿا، جيڪي بغير ڪنهن ڊپ جي سچ لکن. هن عوامي پريس ڪلب ملير جي اهڙي فڪري تقريب کي وقت جي اهم ضرورت، قرار ڏنو.ان موقعي تي زرار پيرزادو، خليل چانڊيو، فياض اتيرو، اصغر باغي کوسو، سامي ميمڻ، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، عرفان عباسي، غلام نبي مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير ۾
ياد ۾ عوامي ميڙاڪو
Malir
Anwar Pirzado
0 تبصرے